واهه – 08 آگسٽ (اي پي پي) نگران وزيراعظم جسٽس (ر) ناصرالملڪ ملڪ جون دفاعي گهرجون پوريون ڪرڻ ۾ پاڪستان آرڊيننس فيڪٽري جي قابل قدر خدمتن کي ساراهيندي چيو آهي ته گهڻ رخي دفاع ۽ ملڪ کي د??پيش سيڪيورٽي چئلينجن جي ڏس ۾ پي او ايف انتهائي اهم حيثيت رکي ٿي. هن اها ڳالهه پاڪستان آرڊيننس فيڪٽري جي دوري جي موقعي تي چئي. ملڪ جي سڀ کان وڏي دفاعي صنعتي ڪمپليڪس پي او ايف واهه اچڻ تي اداري جي چيئرمين ??يفٽيننٽ جنرل صادق علي وزيراعظم جي آجيان ڪئي. وزيراعظم کي آرڊيننس فيڪٽري ۾ تيار ڪيل عالمي معيار جي هٿيارن ۽ بارود جي وسيع تر مصنوعات بابت تفصيلي آگاهه ڪيو ويو.
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری پاکستان