اسلام آباد – 06 آگسٽ (اي پي پي) تحريڪ ان??اف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته 1970ع ۾ عوام مستحڪم سياسي اشرافيه کي شڪست ڏني، 70ع جي ڏهاڪي کانپوءِ اڄ عوام ٻه پارٽي نظام کي شڪست ڏني آهي، عوام اسان مان روايتي طرز سياست ۽ حڪومت جي ام??د نه ٿي رکي، عوام اسان کي روايتي سياسي پارٽين کان جدا ڏسي ٿي، 22 سالن جي جدوجهد جو پهريون مرحلو اڄ مڪمل ٿيو، توهان کي قوم جو پئسو بچائڻو آهي ته جيئن عوام جي ڀلائي تي خرچ ڪري سگهجي، آئون فيصلا ميرٽ تي ۽ قوم جي مفاد ۾ ڪندس، برطانيا جي طرز تي هر هفتي بطور وزيراعظم هڪ ڪلاڪ سوالن جا جواب ڏيندس، وزيرن کي پڻ صحيح معنيٰ ۾ جوابده بڻائينداسين. پاڪستان تحريڪ ان??اف جي ميڊيا ڊپارٽمينٽ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان تحريڪ ان??اف جي پارلياماني پارٽي جي پهرين باضابطا اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو.
مضمون کا ماخذ : اضافی مرچ