اسلام آباد – 03 مارچ (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي تاريخ ۽ ادبي ورثي و??ري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته سينيٽ جي چونڊن ۾ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي نالي کي ٻاهر ڪڍيو ويو پر جنهن سياسي پارٽي سان گڏ الله تعاليٰ جي ذات، ان ??و فضل ۽ ڪرم ۽ عوام جي طاقت هجي اها جنهن اليڪشن ۾ به حصو وٺندي ان ۾ محمد نواز شريف جي فتح ٿيندي، محمد نواز شريف جتي به وڃي ٿو عوام جو سمنڊ اٿلي پوي ٿو ڇو ته هن عوام جي خدمت ڪئي آهي، ٻه سال گذري وڃڻ جي باوجود محمد نواز شريف تي هڪ رپئي جي ڪرپشن جو ثبوت نه ملي سگهيو. هو پارليام??نٽ هائوس ٻاهران ??حافين سان ڳالهائي رهي هئي. هن چيو ته سڀاڻي عمران ??ان ??يبرپختونخواهه ۾ اجلاس ڪيو جنهن ۾ پتو لڳرائي ته ڪيترا پي آءِ ٽي جا ميمبر موجود نه هئا، هن اڳ ۾ پارليام??نٽ تي لعنت وڌي پوءِ پنهنجي ميمبرن کي ويڪائو مال چوي ٿو، عمران ??ان پنهنجي ئي ميمبرن تي وڪامجڻ جو الزام ??ڻي ??هي?? آهي، تحريڪ انصاف جي ميمبرن کي پنهنجي قائد جي الزامن جو جواب ڏيڻو پوندو.
چونڊن کان پري رکڻ باوجود (ن) ليگ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : sorteos میگا سینا