اسلام آباد ?? 18 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته حڪومت ملڪ ۾ هر سطح جي چونڊيل جمهوري ادارن جو احترام ڪري ٿي، بلدياتي ادارن جو ملڪ جي ترقي ۾ اهم ڪردار آهي، گڏيل جمهوريت ئي جمهوري استحڪام جي ضمانت آ??ي، ڪراچي کي امن ?? خوشحالي جو گهوارو بڻائڻ اسان جو گڏيل هدف آهي. هن اها ڳالهه اربع ڏينهن ايم ڪيو ايم پاڪستان جي وفد سان ??الهائيندي چئي جنهن ڊاڪٽر محمد فاروق ستار جي قيادت ۾ وزيراعظم سان وزيراعظم آفيس ۾ ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس طرفان جاري بيان موجب اجلاس ۾ ڪراچي ۽ حيدرآباد جي حوالي سان وزيراعظم جي ترقياتي پيڪيج جو جائزو ورتو ويو ۽ فيصلو ڪيو ويو ته فنڊ جاري ڪرڻ کي هلندڙ مهيني ۾ يقيني بڻايو ويندو ۽ منصوبن تي فوري طور تي ڪم شروع ڪيو ويندو
مضمون کا ماخذ : ہیوگو 2