مري – 02 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته جمهوري تسلسل کي چئن ڏينهن ۾ وڏي اڪثريت سان بحال ڪيو آهي، حڪومت جي پاليسين کي برقرار رکنداسين، ڪابينا تي مشاورت ٿي آهي، ا??ند?? هڪ ٻن ڏينهن ۾ ڪابينا حلف کڻندي، ڪابينا جي حلف برداري کانپوءِ ??واز شريف لاهور ويندو. مري ۾ مسلم ليگ (ن) جي مرڪزي اڳواڻن خواجه محمد آصف، احسن ??قبال، خواجه سعد رفيق، مشاهد الله خان ۽ ٻين سان گڏ صحافين سان ڳالهائيندي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته پار??ي جي سينيئر اڳواڻن سان ڪابينا جي جوڙجڪ سميت مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي آهي، ا??ند?? هڪ ٻن ڏينهن ۾ ڪابينا حلف کڻندي. هن چيو ته ملڪ ۾ سي پيڪ، سيڙپڪاري، توانائي جي منصوبن، ڊيمن ۽ موٽرويز سميت ٻين منصوبن کي اڳ کان وڌيڪ تيز رفتاري سان مڪمل ڪيو ويندو.
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے نتائج