اسلام آباد – 25 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محم?? نواز شريف چيو آهي ته پاڪستان جاپان کي ويجهو دوست ۽ بااعتماد اقتصادي حصيدار تصور ڪري ٿو، آپريشن ??رب عضب جي نتيجي ۾ ملڪ ۾ امن امان ??ي صورتحال ۾ نمايان بهتري آئي آهي ۽ اميد آهي ته جاپان ان ڏس ۾ سفري ايڊوائيزري فهرست ۾ پاڪستان جي شموليت جو جائزو وٺندو. هن اها ڳالهه پاڪستان ۾ جاپان جي سفير تاڪاشي ڪورائي سان وزيراعظم هائوس ۾ ڳالهائيندي چئي. وزيراعظم ٻطرفن لاڳاپن تي زور ڏيندي چيو ته پاڪستان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ خاص طور تي واپار، سيڙپڪاري، بنيادي ڍانچي ۽ توانائي جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جو خواهشم??د آهي.
مضمون کا ماخذ : آن لائن اور ایپلیکیشنز