اس??ام آباد – 24 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته پاڪستان امن پسند ملڪ آهي ۽ پنهنجي سمورن پاڙيسرين سان دوستاڻا لاڳاپا برقرار رکڻ واري پاليسي تي ڪاربند آهي. هن اها ڳالهه برطانيا جي قومي سلامتي واري صلاحڪار سر مارڪ لائل گرانٽ سان ڳالهائيندي چئي جنهن وزيراعظم ها??وس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ويراعظم نواز شريف چيو ته ڀارتي حڪومت پاران ڪيل ??اعدن موجب ڪشمير مسئلي کي گڏيل ??وم?? جي قراردادن تحت حل ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته عالمي برادري کي والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جي ظلمن ۽ انساني حق?? جي سنگين خلاف ورزين جو نوٽيس وٺڻ گهرجي.
مضمون کا ماخذ : امکان ہے کہ میگا سینا