اسلام آباد – 16 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد چيو آهي ته 1951ع کان شروع ٿيندڙ پاڪستان ۽ چين جي سفارتي لاڳاپن جو بنياد برابري، ڀائيچاري، گڏيل احترام ۽ هر شعبي ۾ تعاون تي ٻڌل آهي. هو پاڪ چائنا فرينڊشپ سينٽر ۾ منعقد ٿيندڙ ڪلچرل شو کي خطاب ??ري رهيو هو. ان موقعي تي پاڪستان ۾ چين جي سفير سن وي ڊونگ ۽ ننگشياء جي نائب گورنر وانگ هيشان پڻ خطاب ??يو جڏهن ته سفارتي لاڳاپن جي 65 هين سالگرهه جي مناسبت سان منعقد ٿيندڙ ??ار ريلي جي شرڪت ڪندڙن ۽ وڏي انگ ۾ حاضرين پڻ موجود هئا. اطلاعات واري وزير چيو ته اڄ جو ڏينهن پاڪستان ۽ چين جي لاڳاپن ۾ ناقابل فراموش ۽ منفرد حيثيت رکي ٿو، ??ار ريلي ۽ چين کان ايندڙ فنڪارن کي ڀلي??ار چوندي هن ننگشياء جي نائب گورنر وانگ هيشان کي ??ار ريلي منعقد ڪرڻ تي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته سندس ذاتي طور تي هتي موجودگي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي اهميت کي اجاگر ڪري ٿي.
پاڪستان ۽ چين جي سفارتي لاڳاپن جو بنياد برابري تي ٻڌل آهي: پرويز رشيد
مضمون کا ماخذ : loteria estadual