اسلام آباد- 25 ڊسمبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته قائداعظم محمدعلي جناح پنهنجي اعليٰ ڪردار، مستقل مزاجي ۽ جدوجهد سان ننڍي کنڊ جي مسلمان?? کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪري ڌار ملڪ لاءِ جدوجهد شروع ڪئي ۽ ننڍي کنڊ پاڪ- هند جي مسلمانن لاءِ ٻه قومي نظريي جي بنياد تي پاڪستان جي قيام کي عمل شڪل بخشي. سينيٽ سيڪريٽريٽ ميڊيا ونگ م??ن جاري بيان مطابق سينيٽ چيئرمين، قائداعظم محمدعلي جناح جي جنم ڏڻ جي موقعي تي پنهنجي خاص پيغام ۾ چيو ته قائداعظم عظيم ليڊر ۽ وڏو ذهن رکندڙ هو، قائداعظم محمدعلي جناح اعليٰ ڪردار، مستقل مزاجي ۽ جدوجهد سان ننڍي کنڊ جي مسلمان?? کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪري ڌار ملڪ لاءِ جدوجهد شروع ڪئي ۽ ننڍي کنڊ پاڪ- هند جي مسلمانن لاءِ ٻه قومي نظريي جي بنياد تي پاڪستان جي قيام کي عمل شڪل ڏني. پاڪستان جو قيام قائداعظم جي اڻٿڪ ڪاوشن جو نتيجو آهي. هن چيو ته پوري قوم پاڪستان جي باني جي خدمت?? کي خراجِ عقيدت پيش ڪري ٿي ۽ مرڻ گهڙيءَ تائين احسانمند رهندي. قوم جي باني جي ڏور رس ۽ سياسي بصيرت قوم ج?? تقدير بدلائڻ لاءِ اتحاد، ايمان ۽ نظم و ضبط جهڙا رهنما اصول واضح ڪيا، سينيٽ چيئرمين چيو ته پاڪستان جي باني جي تعليمات ۽ سندس فرمانن جي اهميت موجوده دؤر جي مسئل?? کي آڏو رکندي وڏي اهميت اختيار ڪري ويا آهن پر مسئلن جو وڏو ڪارڻ اسان سندن تعليمات وِساري ڇڏي جنهن جي نشاندهي قائداعظم ڪئي هئي، اڄ اسا?? کي جيڪي ڏُکيائيون درپيش آهن انهن تي ضابطوآڻڻ لاءِ واحد رستو قانون ۽ آئين تي جيئن جو تيئن عمل ڪرڻ آهي، اسا?? کي پاڪستان جي باني جي رهنما اصولن تي عمل ڪندي پنهنجي مستقبل کي روشن بڻائڻ لاءِ هر قسم جي اختلاف?? کي پوئتي رکي امن، ترقي پسنداڻي ۽ جمهوري روي?? کي هٿي وٺرائڻي پوندي. هن دُعا ڪئي ته الله تعاليٰ اسان سڀني کي قائداعظم جي نقشِ قدم تي هلڻ ۽ ملڪ جي تعمير ۽ ترقي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي توف??ق عطا فرماءِ.
قائداعظم پنهنجي اعليٰ ڪردار ۽ـ جدوجهد سان ننڍي کنڊ جي مسلمانن لاءِ ٻه قومي نظري جي بنياد تي پاڪستان جو قيام ممڪن بڻايو: سينيٽ چيئرمين
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز