اسلام آباد-20 ڊسمبر (اي پي پي) قومي اس??مب??ي جي اسپيڪر سردار اياز صادق ۽ سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني قانونساز ادارن جي بالادستي ۽ کين مضبوط بڻائڻ جي عزم کي ورجائيندي چيو آهي ته اسپيڪر جو عهدو غيرجانبدار هوندو آهي جيڪو حڪومت، اتحادي پارٽين ۽ مخالف ڌر کي هڪ جيترو وقت ڏيڻ، تڪرارن جي صورت ۾ ٽياڪڙي جو ڪردار ادا ڪرڻ جو بااعتماد فورم هوندو آهي، پارليامينٽ ۽ صوبائي اس??مب??ين اندر گرفتارين تي ذميوارن خلاف سزائن جو تعين ڪيو ويندو، سمورن اسپيڪرن جي خواهشن آهي ته بامعنيٰ ڳالهه ٻولهه، ٻطرفي اعتماد سازي هجي ۽ اختلاف راءِ جي عزت ڪئي وڃي، نئين نسل کي پارليامينٽ ??ان هم آهنگ ڪرڻ لاءِ پارليامينٽ وانگر صوبائي اس??مب??يون به اجلاس جي ڪارروائي ڏسڻ ۽ انٽرنشپ جي سهولت فراهم ڪنداسين، 18 هين ترميم ??ان ملڪ ۾ استحڪام آيو آهي، ننڍن صوبن جي احساس محرومي ختم ٿي آهي، انهن معاملن کي حل ڪرڻ ۾ مدد ملي آهي. هو ٻن ڏينهن واري 18 هين اسپيڪر ڪانفرنس جي پڄاڻي تي گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيا هئا. قومي اس??مب??ي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو ته 18 هين اسپيڪر ڪانفرنس ۾ سينيٽ چيئرمين ۽ سمورن اسپيڪرز جو ٿورائتو آهيان هنن نه رڳو وقت ڏنو پر تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي، ا??ان سڀني جي سوچ هڪ آهي ته پاڪستان ۾ آئين ۽ قانون جي بالادستي هجي، ا??ان سڀني جو گڏيل بيان جاري ٿي چڪو آهي. ا??ان عزم ڪيو ته پارليامينٽ جي بالادستي ۽ جمهوريت کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ سموريون صوبائي اس??مب??يون پنهنجو ڪردار ادا ڪنديون. هن چيو ته حڪومت عددي نمبرن بدران مخالف ڌر کي ملائي قانونسازي طرف وڃي، ا??ان جو گڏيل فيصلو آهي ته ماڻهن جا مسئلا حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي، موسمياتي تبديلي تي ڌيان ڏيون، اسپيڪرز غير جانبدار ٿي سهولتڪار جو ڪردار ادا ڪن. هن چيو ته تجويزون يا راين بدران سڀني کي گڏجي ويهي ملڪ جي مفادن خاطر پاڪستان جي ذميواري پوري ڪرڻ گهرجي، ا??ان چاهيون ٿا ته پارلياماني قدر، ضابطه اخلاق هجي جنهن ۾ هڪٻئي کي برداشت ڪندي ٻين کي گڏ کڻي هلون. هن چيو ته قومي اس??مب??ي، سينيٽ ۽ صوبائي اس??مب??ين ۾ آئين جي آرٽيڪل 9 اي تحت موسمياتي تبديلي جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ پارليامينٽ ذريعي ان معاملي تي بحث ڪيو وڃي ته جيئن بهتر کان بهتر تجويزون اچن. هن چيو ته دهشتگردي تي ا??ان ڳالهايو، قانونسازي ڪندي پاليسي قدم کڻڻ ??ان گڏوگڏ صوبي ۽ مرڪز جي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جو پاڻ ۾ رابطو هجي. هن چيو ته قومي اس??مب??ي ۽ سينيٽ جا رولز ۽ پروسيجر هڪجهڙا آهن باقي صوبائي اس??مب??ين کي به اهڙا ئي رولز ۽ پروسيجرز ٺاهڻا پوندا. قومي اس??مب??ي جي اسپيڪر چيو ته ايوان ۾ پارٽي جي چيف وهپ جو اهم ڪردار آهي، دنيا جي بهترين تجربن موجب ا??ان ان ۾ بهتري آڻڻ جا خواهشمند آهيون ڇاڪاڻ ته پارٽي چيف وهپ ايوان ۾ پنهنجي پارٽي جي حاضري، قانونسازي، ترميمن سميت ٻين معاملن تي مک ڪردار ادا ڪن ٿا. هن چيو ته پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي اهڙي ڪميٽي آهي جيڪا عملدرآمد خاص ڪري آڊٽ پيرا جي وصولين تي ڪم ڪري ٿي، قومي اس??مب??ي جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي اربين روپين جو وصوليون ڪرايون آهن. هن صاف لفظن ۾ چيو ته هي پڌرائي صرف دستاويز تي صحيح جي حد تائين نه رهندي پر ان تي عملدرآمد کي نه رڳو مانيٽر ڪيو ويندو پر تعاون جي هڪ نئين دور جو آغاز ٿيندو. هڪ سوال جي جواب ۾ اسپيڪر چيو ته قومي اس??مب??ي سيڪريٽريٽ ۾ ڀرتين جو نظام شفاف ڪيو ويو آهي، ا??ان قومي اس??مب??ي ۾ ڊيپوٽيشن کي به ختم ڪري ڇڏيو آهي ۽ ميرٽ تي ڀرتين جو ٽاسڪ فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن کي ڏئي ڇڏيو آهي، ميرٽ بيسڊ مقرريون ٿينديون ۽ مجموعي طور تي مان اسپيڪر جي اختيارن کي گهٽ ڪيو آهي. سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني ارڙهين اسپيڪرز ڪانفرنس جي پڌرائي جي مڪمل تائيد ڪندي چيو آهي ته ارڙهين ترميم ??ان ملڪ ۾ استحڪام آيو آهي، ننڍن صوبن جي محرومي ختم ٿي ۽ صوبن جي معاملن کي حل ڪرڻ ۾ مدد ملي آهي. ارڙهين ترميم موجب صوبن کي اختيار ڏنا وڃن ها ته اوڀر پاڪستان جهڙو واقعو نه ٿئي ها. هن چيو ته ايوان ۾ ا??ان ڊيولوشن ڪميٽي ٺاهي آهي ته جيئن ارڙهين آئيني ترميم کانپوءِ پيش آيل پيچيدگين کي ختم ڪري سگهجي. هن چيو ته ا??ان جيڪي قدم کنيا آهن انهن جو مقصد سياسي استحڪام آهي، جڏهن ملڪ ۾ سياسي استحڪام هوندو ته ان ??ان معاشي استحڪام ايندو. هن تجويز ڏني ته ا??ان کي ميثاق معيشت آڻڻو پوندو، ترقي يافته ملڪ به آهن جتي سياسي استحڪام نه آهي پر معاشي استحڪام آهي، مصنوعي ذهانت مان به فائدو حاصل ڪرڻ گهرجي، هن چيو ته ڳالهيون نه ڪنداسين ته معاملا حل نه ٿيندا، اختلاف راءِ ان وقت تائين جمهوري رهي ٿي جيستائين ملڪ کي نقصان نه پهچائي.
اسپيڪر جو عهدو غير جانبدار هوندو آهي: سردار اياز صادق/ سيد يوسف رضا گيلاني
مضمون کا ماخذ : موبائل سے لاٹری کھیلیں