اسلام آباد-03 ڊسمبر (اي پي پي) انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن بابت مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه چيو آهي ته نوجوانن کي آءِ ٽي سميت مختلف شعبن ۾ موقعا فراهم ڪري رهيا آهيون، ملڪ ۾ ڊجيٽلائزيشن سان حڪمن ۾ غير ضروري دير جو شڪار (ڳاڙهي ربن) ۽ ڪارڪردگي ۾ نمايان واڌ ٿيندي. اهڙو اظهار هن ڪي پ?? ڪي جي نوجوانن کي يو اين ڊي پي ڊجيٽل اسڪلز گريجوئيشن جي تقريب کي خطاب ڪند?? ڪيو. مملڪتي وزير چيو ته اسان جا نوجوان ملڪي ترقيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. آءِ ٽي ذريعي نوجوانن کي مختلف ڪورسز ڪرايا پيا وڃن، شاگردن ۽ شاگردياڻين کي آءِ ٽي بابت مختلف پروگرامن ۾ ٽريننگ ڏني پئي وڃي، شاگرد پوري محنت ۽ لڳن سان ت??ليم حاصل ڪري معاشري جا فائديمند شهري بڻجن. هن چيو ته آءِ ٽي جي شعبي جي ترقي لاءِ سمورا وسيلا ڪت?? آڻي رهيا آهيون، حڪومت ڊجيٽلائزيشن لاءِ پُرعزم آهي، ان سان صارفين کي سموريون سهولتون آن لائن دستياب ٿينديون. هن چيو ته ڪلائوڊ ڪمپيوٽنگ ۽ مصنوعي ذهانت سميت سمورا آءِ ٽي ڪورسز ڊجيٽلائزيشن لاءِ اهم آهن. هن چيو ته ”ون پيشنٽ ون آءِ ڊي“ قدمن ت??ت مريضن جي ڊيٽا آن لائن دستياب هوندي، ان سان شناختي ڪارڊ ذريعي مريض جو سڄي ڊيٽا آڏو اچي ويندو، اهڙيءَ طرح جي قدمن سان صحت ۽ تعليم جون بهترين سهولتون فراهم ??رڻ ۾ مدد ملندي، ڪوشش آهي ته اهڙن قدمن لاءِ نجي شعبو اڳيان اچي.
نوجوانن کي آءِ ٽي سميت مختلف شعبن ۾ موقعا فراهم ڪري رهيا آهيون: شزه فاطمه خواجه
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز