اسلام آباد – 05 – نومبر (اي پي پي) وفاقي حڪومت اطلاعات ۽ نشريات واري ??فاقي سيڪريٽري عنبرين جان کي پاڪستان ٽيليويزن ڪارپوريشن جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ??ي اضافي چارج ڏئي ڇڏي. ڪابينا سيڪريٽريٽ اسٽيبلشمينٽ ڊويزن پاران جاري ??يندڙ نوٽيفڪيشن موجب پاڪستان حڪومت سول سرونٽس ايڪٽ 1973ع ??ي شق 10 تحت اطلاعات واري ??فاقي سيڪريٽري عنبرين جان کي پاڪستان ٽيليويزن ڪارپوريشن جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ??ي عهدي جي اضافي چارج ٽن مهينن جي مدي يا ريگيولر مقرري تائين ڏني وئي آه??. عنبرين جان هن وقت اطلاعات ۽ نشريات واري ??فاقي سيڪريٽري جي حيثيت سان فرض سرانجام ڏئي رهي آه??. چارج سنڀالڻ کانپوءِ اطلاعات واري ??فاقي سيڪريٽري ۽ ايم ڊي پي ٽي وي عنبرين جان پي ٽي وي ۾ ضابطن جي خلاف ڀرتين جي جاچ شروع ڪرڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا. 12 رٽائرڊ ملازمن جي ٻيهر ملازمت ختم ٿيڻ کانپوءِ ٻين ملازمن جي ڊگرين جي تصديق جو عمل پڻ شروع ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آه??.
اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري عنبرين جان کي پي ٽي وي جي ايم ڊي جي اضافي چارج ڏني وئي
مضمون کا ماخذ : apostas dupla sena