اسلام آباد-07 آڪٽوبر (اي پي پي) سريلنڪا ۾ مختلف ڏوهن ۾ ڪيترن ئي سالن کان قيد 5 عورتن سميت 56 پاڪستا??ي خاص اُڏام ذريعي پاڪستان پهچي ويا. اسلام آباد ايئرپورٽ تي پنهنجن والدين ۽ پيارن سان ملڻ وقت جذباتي منظر ڏسڻ ۾ آيا. سريلنڪا مان آيل پاڪستانين گهرو وزير محسن نقوي ۽ وفاقي وزير عبدالعليم خان جا ??ورا مڃيا جن سبب اسان جي وطن واپسي ٿي آهي. سريلنڪا ۾ ڪيترن ئي سالن کان قيد 56 پاڪستاني ڪالهه خيريت سان وطن واپس پهچي ويا. سالن کانپوءِ وطن واپس آيل قيدين جي اکين ۾ خوشيءَ جا ڳوڙها هئا ۽ پاڪستان ??هچ?? تي محسن نقوي ۽ عبدالعليم خان کي دُعائون ڏنيون. وطن ??هچ?? تي بزرگ عورت وفاقي وزيرن کي مخاطب ٿيندي چي?? ته پٽڙؤ! اوهان جا ??ورا اسان پاڪستان واپس آياسين. وطن آيل هڪ پاڪستاني جو چوڻ ه?? ته محسن نقوي ۽ عبدالعليم خان جي ڪوششن عيوض اڄ وطن پهتا آهيون. وطن واپسيءَ تي پاڪستانين جو چوڻ ه?? ته جن حالتن ۾ قيد هئاسين، شڪر آهي اسان وطن واپس پهتاسين. گهرو وزير محسن نقوي ۽ عبدالعليم خان جي گڏيل ڪوششن عيوض 5 عورتن ۽ 51 مرد قيدين کي سريلنڪا مان چارٽرڊ جهاز ذريعي وطن واپس آندو ويو. ان سلسلي ۾ گهرو وزير پاڪستاني قيدين کي وطن واپسي يقيني بنائڻ لاءِ دلچسپي ورتي ۽ سريلنڪن هاءِ ڪمشنر آڏو ان معاملي کي اُٿاريو. عبدالعليم خان سريلنڪا مان پاڪستاني قيدين جي وطن واپسيءَ تي سمورا خرچ برداشت ڪيا. گهرو وزير چي?? ته قيدين جي وطن واپسي لاءِ تعاون تي سريلنڪن حڪومت ۽ هاءِ ڪمشنر جي ڪردار کي ساراهيون ٿا. هن چي?? ته قيدين جي واپسيءَ تي خرچ برداشت ڪرڻ تي عبدالعليم خان جو به شڪريو ا??ا ڪيو.
سريلنڪا ۾ ڪيترن ئي سالن کان قيد 5 عورتن سميت 56 پاڪستاني خاص اُڏام ذريعي پاڪستان پهچي ويا
مضمون کا ماخذ : ایڈونچر کی کتاب