اسلام آباد – 24 – سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان لبنان ج?? خلاف اسرائيل جي جارحيت جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته جمهوريه لبنان ج?? خلاف جارحيت جو اهو عمل گڏيل قومن ج?? چارٽر ۽ عالمي قانونن ج?? سنگين خلاف ورزي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان ۾ چيو ويو ته اهو هڪ خطرناڪ اضافو آهي جنهن اڳ ۾ ئي غيرمستحڪم خطي ۾ امن ۽ سلامتي کي وڌيڪ خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي. هن چيو ته پاڪستان لبنان ج?? خلاف اسرائيل جي تازه ترين فوجي جارحيت جي شديد ترين لفظن ۾ مذمت ڪر?? ٿو جنهن ۾ سوين شهرين ج?? قتل عام ٿيو. ترجمان چيو ته پاڪستان لبنان ج?? خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي لاءِ پنهنجي مڪمل حمايت جو ورجاءُ ڪر?? ٿو ۽ لبنان ج?? عوام سان يڪجهتي ۽ امن ۽ سلامتي سان رهڻ جي حق جي لاءِ بيٺل آهي. هن عالمي برادري کان مطالبو ڪيو ته اها اسرائيل کي خطي ۾ ان ج?? خطرناڪ مهم جوئي ۽ جارحيت ۽ نسل ڪشيءَ جي ڪاررواين ج?? گهيراءُ ڪرڻ جي لاءِ فوري قدم کڻي.
پاڪستان پاران لبنان جي خلاف اسرائيل جي جارحيت جي سخت مذمت
مضمون کا ماخذ : loteria de Minas Gerais