ڪراچي-19 سيپٽمبر(اي پي پي) برطانيه جي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر ساره موني چيو آهي ته پاڪستان جي بليو اڪانومي جي صنعت کي پوري صلاحيت موجب استعمال ناهي ??يو ويو جڏهن ته ان ۾ 100 ارب ڊالرن کان وڌيڪ جي آمدني پيدا ڪرڻ جي صلاحيت آهي. اها ڳالهه هن خميس ڏينهن ميري ٽائيم جي عالمي ڏينهن جي مناسبت سا?? ميري ٽائيم ٽريننگ انسٽيٽيوٽ جو ڊائريڪٽوريٽ اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبليڪيشن (ڊي اي پي ايم) جي تعاون سا?? مقامي هوٽل ۾ منعقد سيمينار کي خطاب ڪندي چئي. ان موقعي تي ڊائريڪٽر جنرل پي آءِ ڊي ارم تنوير ۽ ٻين به خطاب ڪيو. ان موقعي تي سي اي او ڪيئر پاڪستان جي وائيس چيئرمين ڪيپٽن علي اصغر خان پنهنجي تقرير ۾ ميري ٽائيم ڊي جي اهميت ۽ سيمينار جي مقصدن تي تفصيلي روشني وڌي. برطانيه جي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر چيو ته ڪراچي ميري ٽائيم جي حوالي سا?? لامحدود صلاحيتون رک??دڙ شهر آهي، پاڪستان جهڙي ملڪ لاءِ قومي معيشت ۾ بليو اڪانومي کي شامل ڪرڻ انتهائي اهيمت وارو آهي، پاڪستان وٽ 1001 ڪلوميٽر جي سا??ونڊي پٽي آهي، جيڪا سا??ونڊي جانورن، ٻوٽن ۽ معدني وسيلن جي ڪيترن ئي قسمن جو گهر آهي. هن چيو ته ايس او ايل اي ايس ڪنوينشن سا??ونڊي حفاظت لاءِ اسان جي جاري وابستگي جو ثبوت آهي. هن چيو ته هن سا?? جو ٿيم ”مستقبل ۾ نيويگيٽنگ سيفٽي فرسٽ“ ميري ٽائيم سيفٽي کي وڌائڻ لاءِ اسان جي اجتماعي ڪوششن جي عڪاسي ڪري ٿو. هن چيو ته برطانيه وٽ دنيا جي ڪجهه مشهور بحري سکيا جون سهولتون آهن، جن ۾ وار شاس ميري ٽائيم اسڪول ۽ سٽي آف گلاسگو ڪاليج شامل آهن، جيڪي اعليٰ درجي جي ميري ٽائيم پيشيور ماڻهن کي تيار ڪرڻ ۾ اهم حيثيت رک?? ٿا، جيڪي عالمي سطح تي اسان جي اعليٰ حفاظي معيارن کي اڳتي وڌائين ٿا. هن چيو ته جهاز ري سائيڪلنگ تي هانگ ڪانگ ڪنوينشن جي توثيق ڪرڻ تي پاڪستان کي به مبارڪون ڏي?? چاهيان ٿي. پي آءِ ڊي جي ڊائريڪٽر جنرل ارم تنوير پنهنجي خطاب ۾ چيو ته هڪ هزار ڪلوميٽر ساحلي پٽي سا?? پاڪستان جي منفرد جاگرافيائي بيهڪ آهي. موسمياتي تبديلي جي حوالي سا?? ڳالهائيندي هن چيو ته موسمياتي تبديلي اسان جي سا??ونڊي، ساحلي خطن ۽ ڪميونٽيز لاءِ گهري نقصانن سا?? گڏوگڏ عالمي چئلينج آهي. هن چيو ته عالمي برادري جي هڪ ذميوار ميمبر طور پاڪستان ماحول جي تحفظ ۽ پائيدار ترقي کي هٿي ڏي?? لاءِ ڪيتريون ئي قومي پاليسيون متعارف ڪرايون آهن جنهن کي بليو اڪانومي جي قدمن جن ۾ پائيدار ماهيگيري، سا??ونڊي قابل تجديد توانائي ۽ سا??ونڊي حياتياتي تنوع جو تحفظ شامل آهي. هن چيو ته 2015ع جي قومي ٻيلن جي پاليسي جو مقصد اسان جي ٻيلن جي ايراضي کي وڌائڻ ۽ موسمياتي تبديلين جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ آهي. هن وڌيڪ چيو ته سڌ سماءَ واري وزارت هڪ باخبر معاشري کي هٿي ڏي?? ۽ ميڊيا جي ترقي کي اڳتي وڌائي ان قومي ڪوششن جي حمايت ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي. هن ناٽيڪل انسٽيٽيوٽ جي پاڪستان برانچ، انسٽيٽيوٽ آف چارٽرڊ شپ بروڪرز، چارٽرڊ انسٽيٽيوٽ آف لاجسٽڪ اينڊ ٽرانسپورٽ ۽ پاڪستان مرچنٽ نيوي آفيسرز ايسوسيئيشن جو ان اهم تقريب منعقد ڪرڻ جي ڪوششن تي دل جي گهراين سا?? شڪريو به ادا ڪيو. ان موقعي تي سڌ سماءَ واري وزارت طرفان وڊيو به هلائي وئي جنهن ۾ ساحلي ورثي جو هڪ اهم مينگروو جي ماحولياتي نظام کي محفوظ رکڻ جي اهميت کي واضح ڪيو ويو ته مينگرووز طوفان خلاف قدرتي رڪاوٽن طور ڪم ڪن ٿا، ساحلي تباهي ??ان بچائي ٿين ۽ عالمي موسمياتي تبديلين کي گهٽ ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا.
پاڪستان جي بليو اڪانومي جي صنعت ۾ سئو ارب ڊالرن کان وڌيڪ جي آمدني پيدا ڪرڻ جي صلاحيت آهي: برطانوي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر
مضمون کا ماخذ : لکی لیپریچون