اسلام آباد-12 سيپٽمبر (اي پي پي) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جو اجلاس اليڪشن ڪميشن جي ميمبر نثار احمد دراني جي صدارت ۾ ٿيو جنهن ۾ اسلام آباد ۾ لوڪل گورنمينٽ چ????ڊو?? ڪرائڻ جي معاملي جو جائزو ورتو ويو. خميس ڏينهن اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي پريس رليز موجب اجلاس ۾ اليڪشن ڪميشن جي معزز ميمبرن شاهه محمد جتوئي، بابر حسن ڀروانه ۽ جسٽس (ر) اڪرام الله خان، اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري، اليڪشن ڪميشن جي اسپيشل سيڪريٽري ۽ اليڪشن ڪميشن جي لا سيڪريٽري، گهرو وزارت جو اسپيشل سيڪريٽري، چيف ڪمشنر اسلام آباد، ڊپٽي ڪمشنر اسلام آباد ۽ قانون ۽ انصاف واري وزارت جي نمائندي شرڪت ڪئي. اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري ٻڌايو ته اليڪشن ڪميشن اسلام آباد لوڪل گورنمينٽ چ????ڊو?? جو پروگرام 8 ??گسٽ تي جاري ڪيو جنهن ۾ موجب پولنگ 9 آڪٽوبر تي ٿيڻي هئي، ان پروگرام موجب نامزدگي ڪاغذ جمع ٿي چڪا هئا ۽ ڪاغذن جي ڇنڊڇاڻ جو عمل جاري هو ته گورنمينٽ اسلام آباد لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ 2015ع ۾ ترميم ڪري ڇڏي. انهن ترميمن کي نظر ۾ رکندي اليڪشن ڪميشن لوڪل گورنمينٽ چ??نڊن جي عمل کي ملتوي ڪري ڇڏيو ته جيئن لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ ۾ ترميمن، ان جي اثرن ۽ اسلام آباد لوڪل گورنمينٽ چ????ڊو?? ڪرائڻ بابت گهرو وزارت، لا ۽ چيف ڪمشنر اسلام آباد کان موقف ورتو وڃي ۽ ڄاڻايل چو??ڊو?? ڪرائڻ بابت مناسب فيصلو ڪيو وڃي. اليڪشن ڪميشن گورنمينٽ جي مٿي ڄاڻايل نمائندن کي موجوده ترميمن کي نظر ۾ رکندي مناسب رولز ۽ ٻي قانونسازي بابت هدايت ڪئي.
اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جو اجلاس، اسلام آباد ۾ لوڪل گورنمينٽ چونڊون ڪرائڻ جي معاملي جو جائزو ورتو ويو
مضمون کا ماخذ : sorteos dupla sena