ڪراچي – 06 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زر??اري ملڪي سامونڊي حدن جي دفاع جي لاءِ مضبوط بحريه جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان جي جيو اڪنامڪ مفادن جي تحفظ جي لاءِ پاڪ بحريه کي مضبوط بڻائڻو پوندو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران ج??ري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار ڪراچي ۾ پي اين ايس بابر ۽ حنين جي پاڪ بحريه جي ٻيڙي ۾ شموليت جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. صدر پي اين ايس بابر ۽ حنين جي پاڪستان نيوي جي ٻيڙي ۾ شموليت جي آجيان ڪندي چيو ته ٻئي جه??ز پاڪ بحريه جون وڌندڙ آپريشنل ذميواريون پوريون ڪرڻ ۾ مدد ڏيندا. صدر چيو ته پي اين ايس بابر ۽ حنين جي سامونڊي ٻيڙي ۾ شموليت ملڪي سامونڊي دفاعي صلاحيتون مضبوط بڻائڻ طرف اهم ڪاميابي آهي، جه??ز روايتي ۽ غيرروايتي خطرن جو مقابلو ڪرڻ ۾ بحريه جي آپريشنل تيارين ۾ اضافو ڪندا. آصف علي زر??اري چيو ته جه??ز ترڪيه سان اسان جي مضبوط دوستي، رومانيه ۾ ڊچ ڊيمين شپ يارڊ تي اعتماد جي علامت آهي، جه??زن سان پاڪ بحريه جي ملڪي سامونڊي حدن جي دفاع جي صلاحيت ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو. هن ميري ٽائيم سيڪيورٽي، علائقائي استحڪام، سامونڊي رستن جي حفاظت ۾ پاڪ بحريه جي ڪردار کي ساراهيو ۽ چيو ته پاڪ بحريه واپار جي مسلسل پهچ کي يقيني بڻائي رهي آهي. صدر چيو ته پاڪ بحريه ملڪ جي سامونڊي حدن جو دفاع ڪري رهي آهي، هن پاڪستان جي خودمختياري، امن، خوشحالي ۽ استحڪام برقرار رکن، ملڪ جو هر قيمت تي دفاع ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو ته دفاع ۽ شهيدن جو ڏهاڙو اسان جي هٿياربند فوج ۽ شهرين جي حوصلي، اتحاد ۽ عزم جي ياد ڏياري ٿو. صدر چيو ته هٿياربند فوج ۽ شهرين ٻاهرئين ج??رحيت جي خلاف قوم جو دفاع ڪيو آهي، ملڪ جي دفاع ۾ جانين ج?? نذرانا پيش ڪندڙ شهيدن کي زبردست خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا. هن پاڪستان، ترڪيه ۽ ڊچ ڊيمين شپ يارڊ جي ٽيمن ج?? ٿورا مڃيا. صدر پي اين ايس بابر ۽ حنين جي ڪمانڊنگ آفيسرز ۽ عملي کي خصوصي مبارڪباد ڏني. تقريب کي چيف آف نيول اسٽاف ايڊمرل نويد اشرف پڻ خطاب ڪيو. هن چيو ته جه??زن جي پاڪ بحريه جي ٻيڙي ۾ شموليت اهم سنگ ميل آهي. ايڊمرل نويد اشرف چيو ته سامونڊي جه??ز پاڪستان، ترڪيه ۽ رومانيه جي وچ ۾ گهري دوستي ۽ تعاون جو مظهر آهن. صدر ان موقعي تي سامونڊي جه??زن جي اسڪرولز ڪمانڊر پاڪستان فليٽ جي حوالي ڪئي.
پاڪستان جي جيو اڪنامڪ مفادن جي تحفظ جي لاءِ پاڪ بحريه کي مضبوط بڻائڻو پوندو: صدر آصف علي زرداري
مضمون کا ماخذ : پاکستان لاٹری ٹکٹ