اسلام آباد – 26 – آگسٽ (اي پي پي) دفاع ۽ دفاعي پيداوار واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف سان چين جي پيپلز لبريشن آرمي (پي ايل اي) جي گرائونڊ فورسز جي ڪمانڊر جنرل لي ڪيائو منگ ملاقات ڪئي جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. دفاع واري وفاقي وزير معزز مهمان جي آجيان ڪئي ۽ چيو ته چين سان دوستي پا??ستان جي پرڏيهي پاليسي جو سنگ بنياد آهي جنهن جو بنياد علائقائي ۽ عالمي مسئلن تي هم آهنگي آهي. وفاقي وزير سمورن شعبن ۾ پا?? چين لاڳاپن جي ڊگهي تاريخ ??ي ساراهيو. هن چيو ته اهي لاڳاپا ٻنهي ملڪن جي عوام جي ڀلائي تي مرڪوز ۽ ڪنهن ٻئي ملڪ جي خلاف نه آهن. هن وڌيڪ چيو ته پا??ستان چين سان پنهنجي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو. وزير موجوده ٻطرفي مڪينزم جهڙوڪ اسٽريٽجڪ ڊائيلاگ، قونصلر مشاورت ۽ دهشتگردي جي خاتمي بابت مشاورت ??ي ساراهيو. هن چيو ته ٻنهي پا??يسري ملڪن جي وچ ۾ اسٽريٽجڪ لاڳاپا گڏيل اعتماد تي ٻڌل آهن. هن نشاندهي ڪئي ته پا??ستان علائقائي ۽ عالمي فورمز تي دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ چين جي سفا??تي ۽ مادي حمايت ??ي ساراهي ٿو. خواجه محمد آصف چيو ته پا?? چين سيڪيورٽي تعاون علائقائي استحڪام جو ٿنڀ آهي. سي پيڪ کي وڌندڙ خطرن/ اچڻ جي وچ ۾ سيڪيورٽي/ انٽيلي جنس شيئرنگ ۾ تعاون ۾ اضافو ٿيو آهي. هن ان ڳالهه جو ورج??ءُ ڪيو ته پا??ستان افغانستان سان پنهنجي لاڳاپن تي خصوصي ڌ??ان ڏيندي خطي ۾ استحڪام ۽ امن جي لاءِ پرعزم آهي. پرامن افغانستان پا??ستان ۽ پوري خطي جي مفاد ۾ آهي. معزز مهمان علائقائي امن ۽ استحڪام کي فروغ ڏيڻ ۾ پا??ستان جي ڪوششن سان گڏوگڏ دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پا??ستان جي هٿياربند فوج جي ڪردار ??ي ساراهيو.
دفاع ۽ دفاعي پيداوار واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف سان چين جي پي ايل اي جي گرائونڊ فورسز جي ڪمانڊر جنرل جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : estatisticas dupla sena