اسلام آباد – 08 – آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري مسلمان امت کي درپيش چئلينجز تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ مسلمان ملڪن جي وچ ۾ وڌيڪ اتحاد ۽ تعاون جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ گڏيل عقيدي، تاريخ ۽ ڀائيچاري تي ٻڌل بهترين لاڳاپا آهن. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار مسجد نبوي ﷺ جي امام ڊاڪٽر صلاح بن محمد ??ان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. هن ٻط??فن لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو ته ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿي رهيا آهن. صدر چيو ته ٻنهي ڀائر ملڪن کي وڌيڪ ويجهو آڻڻ جي لاءِ ثقافتي ۽ عوام جي وچ ۾ لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. صدر چيو ته س??ودي عرب ويجهو دوست آهي، پاڪستان سدائين سعودي عرب ??ان گڏ بيٺل رهندو. مسجد نبوي ﷺ جي امام ڊاڪٽر صلاح بن محمد چيو ته س??ودي عرب جي قيادت ۽ عوام پاڪستان ??ان لاڳاپن کي تمام گه??ي اهميت ڏين ٿا، پاڪستان ۽ سعودي عرب جي مضبوط حصيداري آهي. هن چيو ته ٻنهي ملن کي اسلامي دنيا کي درپيش چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي. ڊاڪٽر صلاح بن محمد سعودي عرب جي ترقي ۾ پاڪستاني ڪميونٽي جي ڪردار کي ساراهيو ۽ چيو ته شهزاده محمد بن سلمان جي شروع ڪيل سڌارن ??ان سعودي عرب ۾ وڌيڪ ترقي ۽ خوشحالي ايندي. صدر آصف علي زرداري شهزاده محمد بن سلمان جي جرئتمنداڻي ۽ دورانديش قيادت کي ساراهيندي چيو ته اميد آهي ته مسجد نبوي ﷺ جي امام جي دوري ??ان ٻط??فن لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ملندو. مسجد نبوي ﷺ جي امام ان موقعي تي پاڪستان جي سلامتي ۽ خوشحالي جي لاءِ دعا ڪئي.
مسلمان امت کي درپيش چئلينجز تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ مسلمان ملڪن جي وچ ۾ وڌيڪ اتحاد ۽ تعاون جي ضرورت آهي: صدر آصف علي زرداري
مضمون کا ماخذ : sorteos میگا سینا