اسلام آباد – 30 جولاءِ (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان چيو آ??ي، ته احتجاج جي آڙ ۾ ماحول کي خراب نه ڪرڻ گهرجي، هر شخص کي آئيني حدن ۾ رهي احتجاج رڪارڊ ڪرائڻ گهرجي، بنا ڪنهن جواز جي احتجاج سبب ملڪ جي اميج ٻاهرين دنيا ۾ خراب ٿيندي آهي ۽ پرڏيهي سيڙپڪار گهٻرائيندا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي جاري ڪيل هڪ ويڊيو بيان ۾ ڪيو. هن چ??و ته مسئلا سڄي دنيا ۾ هر جاءِ تي ٿيندا آهن، جڏهن ته انهن جو حل ڪڍيو ويندو آهي. سڄي دنيا ۾ احتجاج ٿيندو آهي پر پاڪستان خاص ڪري بلوچستان ۽ ٻين جاين تي تازو ئي ٿيل واقعا مذمت جوڳا آهن. هن چ??و ته پاڪستان ۾ احتجاج ته ڪيو ويندو آ??ي، پر ان احتجاج جا مقصد واضح ناهن هوندا ۽ مسئلن تي ڳالهيون ناهن ڪيون وينديون. هن چ??و ته حڪومت ڄاڻي تي ته ملڪ ۾ ڪيترائي مسئلا آهن جن ۾ سڀ کان مٿي بجلي جي قيمتن ??و مسئلو آهي ۽ حڪومت ان مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري رهي آ??ي، جنهن ۾ ٿورو وقت لڳندو. توانائي جي حوالي سان سمورن مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ وزيراعظم ذاتي دلچسپي وٺي رهيو آهي. هن چ??و ته مهانگائي جي شرح ۾ لاڳيتو گهٽتائي ٿي رهي آهي ۽ واپاري خساري ۾ به نمايان گهٽتائي ڏسڻ ۾ آئي آهي. بلوچستان جي حوالي سان وفاقي وزير چيو ته مان پاڻ بلوچستان جو وڏو وزير رهي چڪو آهيان ۽ اتي جي مسئلن کان چڱي ريت آگاهه آهيان. هن چ??و ته بلوچستان جي سر??د ٻن ملڪن سان ملي ٿي ان جي مسئلن کي نظر انداز نٿو ڪري سگهجي. هن چ??و ته هي هڪ سوال آهي ته پاڪستان اڄ انهن حالتن تائين ڪيئن پهتو آهي جڏهن ته ان مسئلي تي سڀني کي گڏجي ڳالهيون ڪرڻيون پونديون.
احتجاج جي آڙ ۾ ماحول کي خراب نه ڪرڻ گهرجي: ڄام ڪمال خان
مضمون کا ماخذ : آزاد کشمیر لاٹری