ايبٽ آباد – 25 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ايبٽ آباد ۾ شهيد ڪسٽمز انسپيڪٽر سيد حسنين علي ترمذي جي رهائشگاهه تي ويو ۽ شهيد جي والد ۽ ٻارن سان تعزيت جو اظهار ۽ فاتحه خواني ڪئي. ان موقعي تي ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۽ سيفران وارو وفاقي وزير انجنيئر امير مقام، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، قومي اسيمبلي ميمبر سردار محمد يوسف، مسلم ليگ (ن) جو اڳواڻ مرتضيٰ جاويد عباسي، ا??ف بي آر چيئرمين ملڪ امجد زبير ٽوانه پڻ ساڻس گڏ هئا. وزيراعظم شهيد جي ڌيءَ ۽ پٽ کي پي??ر ڪيو ۽ انهن سان دلي همدرديءَ جو اظهار ڪيو. وزيراعظم شهيد جي والد کي گلي لڳائي حوصلو ۽ دلاسو ڏنو ۽ شهيد پئڪيج تحت شهيد جي بيواهه ۽ ٻارن جي لاءِ امدادي چيڪ کيس پي?? ڪيو. وزيراعظم چيو ته اها امدادي رقم توهان جي شهيد پٽ جي عظيم قربان?? جو نعم البدل نٿي ٿي سگهي پر شهيد جي بيواهه ۽ ٻارن جي لاءِ حڪ??مت جيڪو ڪجهه به ڪري سگهي ٿي، ڪندي، انهن جي تعليم ۽ علاج جا خرچ پڻ حڪ??مت برداشت ڪندي.
وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ايبٽ آباد ۾ شهيد ڪسٽمز انسپيڪٽر سيد حسنين علي ترمذي جي رهائشگاهه آمد، والد ۽ ٻارن سان فاتحه خواني
مضمون کا ماخذ : نقدی پھٹنا