اسلام آباد – 01 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان 6 مارچ تي نائين پاڪستان – يورپي يونين پوليٽيڪل ڊائيلاگ جي ميزباني ڪند??. پ??ڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ ٻڌايو ته پرڏيهي سيڪريٽري محمد سائرس سجاد قاضي پاڪستاني وفد جي قيادت ڪندو جڏهن ??ه يورپي يونين پاران ڊپٽي سيڪريٽري جنرل يورپي ايڪسٽرنل ايڪشن سروس اينريڪ ??ورا قيادت ڪندو. ترجمان چيو ته ڌريون پاڪستان – يورپي يونين اسٽريٽجڪ انگيجمينٽ پلان تي عملدرآمد، دهشتگردي جي خاتمي سان گڏوگڏ اهم عل??ئق??ئي ۽ عالمي اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪنديون. پاڪستان ۽ يورپي يونين جو آخري سياسي ڊائيلاگ 22 نومبر 2022ع تي برسلز ۾ ٿيو هو.
مضمون کا ماخذ : الوہا کلسٹر ادائیگی کرتا ہے۔