اسلام آباد – 20 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن ??اري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته قومي اسيمبلي جو اجلاس گهرائڻ ۾ ڪو تعطل يا ڊيڊ ل??ڪ نه آهي، آئين تحت چونڊن کانپوءِ قومي اسيمبلي جو اجلاس 29 فيبروري تائين گهرائي سگهجي ٿو، ڪنهن پارٽي وٽ سادي اڪثريت نه آهي، سياسي پارٽين جي وچ ۾ ڳالهيون هلي رهيون آهن، پاڪستان جي آئين ۾ هر صورتحال مان نڪرڻ جو رستو موجود آهي. پارليامينٽ هائوس ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن ??اري نگران وفاقي وزير چيو ته ??هي ماڻهو جيڪي مختلف طرح سان ماڻهن جي خدمت ڪن ٿا، انهن جي لاءِ آواز بلند ڪرڻ گهرجي، اهي شاعر، موسيقار، فنڪار، ڊرامي نگار جيڪي ڪر??ڙپتي نه آهن، انهن جي خدمتن جو اعتراف ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته ??شرافيه جي ڪلبز کي به گهرجي ته ??هي اهڙن ماڻهن جي خدمتن جو اعتراف ڪن، ڪنهن کي ميمبرشپ ڏيڻ وقت رڳو پئسي کي نه ڏٺو وڃي، خدمتن کي به ڏٺو وڃي. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن ??اري نگران وفاقي وزير چيو ته ??ئين تحت چونڊن کانپوءِ قومي اسيمبلي جو اجلاس 29 فيبروري تائين گهرائي سگهجي ٿو جنهن ۾ اڃا ڪجهه ڏينهن باقي آهن. هن چيو ته ??ها معمول جي ڪارروائي آهي، ان ۾ ڪنهن به قسم جو تعطل يا ڊيڊ ل??ڪ نه آهي. نگران وفاقي وزير چيو ته ورڇ ٿيل پارليامينٽ آهي، ڪنهن سياسي پارٽي وٽ سادي اڪثريت نه آهي، سياسي پارٽين جي وچ ۾ ڳالهيون هلي رهيون آهن. هن چيو ته پاڪستان جو آئين جامع ۽ تفصيلي آهي، فرض ڪر??و ته ??ياسي پارٽين جي وچ ۾ ڪنهن قسم جو اتفاق راءِ پيدا نٿو ٿئي ته ??ئين ۾ ان جو رستو موجود آهي.
قومي اسيمبلي جو اجلاس گهرائڻ ۾ ڪو تعطل يا ڊيڊ لاڪ نه آهي، آئين تحت چونڊن کانپوءِ قومي اسيمبلي جو اجلاس 29 فيبروري تائين گهرائي سگهجي ٿو: نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : سپر اسپنر