اسلام آباد – 29 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته حڪومت عام چونڊون آزاداڻيون ۽ منصفاڻيون منعقد ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي، 8 فيبروي تي چونڊون منعقد ٿيڻ سان گڏ ئي ان جي التوا جي حوالي سان سمورا افواهه دم ٽوڙي ويندا. نئين شروع ٿيندڙ ٽيليويزن چينل (ايڪ نيوز) کي ??نٽرويو ڏيندي هن چيو ته اميدوارن پاران چونڊ مهم جاري آهي، چونڊن جي التوا جو ڪو ٺوس جواز به نه آهي، ملڪ ۾ عام چونڊن جي تاريخ 8 فيبروري آهي ۽ ان ڏينهن چونڊن جي التوا جي حوالي سان سمورا افواهه دم ٽوڙي ويندا. چونڊن کان اڳ يا پوءِ ڌانڌلي ج?? شڪايتن جي حوالي سان سوال جي ج??اب ۾ هن چيو ته ماضي مان سبق سکندي پارليامينٽ کي قانوني، انتظامي ۽ اليڪشن ڪميشن بابت سمورين ڪوتاهين کي ??تم ڪرڻو پوندو. هن چيو ته مقامي ۽ عالمي ميڊيا سان گڏوگڏ مبصر به چونڊن جي مانيٽرنگ ۽ ڪوريج ڪندا، ان ڳالهه کي يقيني بڻائينداسين ته جيتري حد تائين ممڪن ٿيو خطي ج?? معيارن موجب چونڊون آزاداڻيون ۽ منصفاڻيون ٿينديون. هن چيو ته سياسي پارٽيون جعلي سڃاڻپ ڪارڊ ذريعي ڌانڌلي ۾ ملوث رهيون آهن ۽ فوت ٿيندڙن جا ووٽ به وڌا ويندا رهيا آهن. هن چيو ته ووٽنگ جو وقت 8 فيبروري تي صبح 9 وڳي کان شام 5 وڳي تائين هوندو ۽ هر هڪ کي ??ٺو ٽرن آئوٽ يقيني بڻائڻ جي لاءِ پنهنجو آئيني حق استعمال ڪرڻ گهرجي. قومي معيشت جي بهتري تي اهم ڌيان تي زور ڏيندي هن چيو ته بدقسمتي سان اڃا تائين ڪا سياسي پارٽي ملڪ جي معاشي صورتحال ۾ بهتري ج?? ڪا ايجنڊا سامهون ن??هي کڻي آئي. هن چيو ته پارٽين جا سمورا چونڊ منشور جن ۾ نوڪريون، پناهگاهون، سستي بجلي، فوڊ سيڪيورٽي ۽ ٻيا شامل آهن انهن جو سڌوسنئون تعلق مستحڪم معيشت سان آهي. هن چيو ته سياسي پارٽين کي ??وينيو جنريشن ۽ ٽيڪس نيٽ کي وسيع ڪرڻ جي لاءِ منصوبو تيار ڪرڻ جي ضرورت آهي. اسڪينڊينيوين ملڪن ۾ 91 سيڪڙو ٽيڪس ٽو جي ڊي پي ج?? تناسب جو مثال ڏيندي هن چيو ته پاڪستان جو ٽيڪس ٽو جي ڊي پي ج?? تناسب رڳو 9 سيڪڙو آهي، ٽيڪس ۾ اضافو حڪومت کي ??وام آڏو جوابده به بڻائيندو. پنهنجي پرڏيهي دورن بابت هڪ سوال جي ج??اب ۾ نگران وزيراعظم چيو ته عهدو سنڀالڻ کان فوري پوءِ هن گڏيل قومن جي ج??رل اسيمبلي ج?? اجلاس ۾ شرڪت ڪئي، اهو هڪ اهڙو فورم آهي ج??هن کي نظرانداز نه ٿو ڪري سگهجي ۽ بعد ۾ يورپ جو دورو ڪيو جتي هوائي ج??از ۾ ٻارڻ ڀرڻ جي لاءِ رڪيس. هن چين ۾ بي آر آءِ فورم، اي سي او سمٽ ۽ ڪوپ 28 سيشن ۾ شرڪت جو پڻ ذڪر ڪيو جتي کيس عالمي اڳواڻن سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ ۽ ٻطرفن معاهدن تي صحيحون ڪرڻ جو موقعو مليو. هن وضاحت ڪئي ته نگران حڪومت کي ??وزاني جا معاملا بشمول پرڏيهي پاليسي جا معاملا هلائڻ جي لاءِ ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. غيرقانوني، غيرملڪي شهرين جي وطن واپسي بابت هن هڪ سوال جي ج??اب ۾ هن چيو ته پاڪستان رڳو انهن ماڻهن کي ملڪ مان پنهنجي وطن موڪليو آهي ج?? کي ڪا سڃاڻپ ۽ ڪو رڪارڊ نه هو ۽ اهڙن ماڻهن کي ??حيح پاسپورٽ ۽ ويزا حاصل ڪرڻ کانپوءِ واپس اچڻ جي اجازت هوندي. هن چيو ته سوشل ميڊيا هڪ چئلينج آهي ج??هن ماڻهن کي ??نهن جي تعليمي ۽ ذهني صلاحيتن کان هٽي ڪري بااختيار بڻايو آهي، هن سوشل ميڊيا جي مين اسٽريم ميڊيا وانگر ريگيوليشن جي حما??ت ڪئي. هن چيو ته نگران حڪومت تي مينڊيٽ کان هٽي ڪري ڪم ڪرڻ تي تنقيد صحيح نه آهي ??و ته ان جا سمورا قدم قانوني ۽ ڪابينا جي منظوري کانسواءِ قانون واري وزارت جي توثيق رکندڙ آهن.
حڪومت عام چونڊون آزاداڻيون ۽ منصفاڻيون منعقد ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي، 8 فيبروي تي چونڊون منعقد ٿيڻ سان گڏ ئي ان جي التوا جي حوالي سان سمورا افواهه دم ٽوڙي ويندا: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : apostas quina