اسلام آباد – 25 – جنوري (اي پي پي) پرنسپل انفارميشن آفيسر (پي آءِ او) ڊاڪٽر طارق محمود خان چيو آهي ته 2024ع جي عام چونڊن جي حوالي سان ضابطه اخلاق جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ س??مي??ارز جي تسلسل سان ڌرين جي وچ ۾ مباحثي جي شروعات خوش آئنده آهي. ڌرين خاص طور تي ميڊيا ۾ ان بحث تي ڌيان ڏنو ويو ته اسان جي ڪوشش لاڀائتي ثابت ٿيندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پريس انفارميشن ڊپارٽ??ين?? (پي آءِ ڊي) جي اهتمام هيٺ ”چونڊ ضابطه اخلاق“ س??مي??ار کي خطاب ڪندي ڪيو. اهو ان حوالي سان ٽيون ڪامياب س??مي??ار هو جنهن ۾ اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد، اڪي??مي?? ۽ ميڊيا جي نمائندن شرڪت ڪئي ۽ تفصيلي ڳالهه ٻولهه ۾ حصو وجهندي پنهنجون تج??يز??ن پيش ڪيون. س??مي??ار ۾ شريڪ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي ترجمان مثبت ۽ تعميري تج??يز?? جي آجيان ڪئي ۽ انهن کي آئنده ضابطه اخلاق ۾ شامل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي. پي آءِ او پنهنجي افت??اح?? خطاب ۾ سمورين ڌرين جي س??مي??ار ۾ شرڪت تي آجيان ڪئي. هن چيو ته اليڪشن جي آمد سان پي آءِ ڊي سوچيو ته ان حوالي سان ضابطه اخلاق ۽ انهن عوامي مسئلن تي س??مي??ار منعقد ڪيو وڃي جيڪي ميڊيا ۾ به اڪثر نظرانداز رهجي وڃن ٿا. هن چيو ته معاشري جي بدلجندڙ صورتحال ۾ اهي س??مي??ارز اهميت رکندڙ آهن. هن چيو ته ان کان اڳ ٻه س??مي??ار منعقد ٿي چڪا آهن جن ۾ ”پاڪستان جي عام چونڊون 2024ع، سياسي پارٽين جي اقتصادي ايجنڊا جي موضوع تي پهريون س??مي??ار 11 جنوري تي منعقد ڪيو ويو جڏهن ته ٻيو س??مي??ار ”پاڪستاني راءِ ڏيندڙن جو بدلجندڙ منظرنامو ۽ منصفاڻي نمائندگي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ سياسي پارٽين جو ڪردار“ جي عنوان سان سومر ڏينهن منعقد ٿيو ۽ هيءَ ان سلسلي جو ٽيون س??مي??ار آهي جنهن کانپوءِ چوٿون س??مي??ار به ٿيندو. هن چيو ته س??مي??ارز ڪراچي ۽ لاهور ۾ به منعقد ڪرايا ويندا. ڊاڪٽر طارق محمود خان چيو ته رولز آف گيمز ڇا آهي ان جي تعين جي حوالي سان هي س??مي??ارز اهميت رکندڙ آهن. س??مي??ارز ۾ سمورن موضوعن جو تفصيلي احاطو ڪندي عوامي آگاهي جي لاءِ ڪارائتي معلومات گڏ ڪري اُن کي ميڊيا جي ذريعي عوام تائين پهچايو پيو وڃي. هن چيو ته ميڊيا ضابطن جي حوالي سان پڻ ضروري معلومات تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي آهي جنهن سان موضوع جي مناسبت سان ميڊيا جي اهميت حاصل ڪرڻ ۾ ڪاميابي حاصل ٿيندي. هن چيو ته ٿورو ڌيان ميڊيا به ان طرف ڏي ته اها ان مقصد ۾ تمام وڏي ڪاميابي هوندي. هن منتظمين جي ڪوششن کي پڻ ساراهيو. س??مي??ار جا ٻه سيشنز منعقد ٿيا جن جي ڪارروائي مهرين طارق ۽ رضوان رونق رائو هلائي. ان موقعي تي مباحثي ۾ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي ترجمان سيد نديم حيدر، تعليمي ماهر ڊاڪٽر شاهد حسين (علامه اقبال اوپن يونيورسٽين) ۽ ڊاڪٽر روح الامين خان (عالمي اسلامي يونيورسٽي)، سينيئر صحافي حافظ طاهر خليل، افتخار شيرازي، جاويد سومرو، وهاب حسين، شاهده نويد، سماجي ڪارڪن عصمت الله نويد ۽ ٻين حصو ورتو جڏهن ته انيقه نثار زوم جي ذريعي شرڪت ڪئي.
عام چونڊن جي حوالي سان شروع ڪيل مباحثو تي ميڊيا ڌيان ڏنو ويو ته اسان جي ڪوشش لاڀائتي ثابت ٿيندي: پي آءِ او ڊاڪٽر طارق محمود خان
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا سانتا کیٹرینا