برسلز – 13 – جون (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر بيلجيئم جي جاري دوري دوران برسلز ۾ يورپي يونين جي ٻن ڪم??نرن سان تفصيلي ملاقاتون ڪيون. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب مملڪتي وزير جي ڪرائيسز مئنيجمينٽ بابت يورپي ڪم??نر جينز لينارڪ سان ملاقات دوران پاڪستان ۾ يورپي يونين جي ٻوڏ بابت امدادي سرگرمين تي ڳالهه ٻو??هه ٿي. مملڪتي وزير ڳالهه ٻو??هه دوران ٻوڏ کانپوءِ يورپي شهري تحفظ جي طريقيڪار کي فعال ڪرڻ تي يورپي يونين جا ٿورا مڃيا جنهن بحالي جي مرحلي دوران يورپي يونين پاران فوري مدد کي ممڪن بڻايو. ڌرين ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ ۽ صلاحيت ۾ تعاون جي لاءِ وڌيڪ رستا ڳولڻ تي اتفاق ڪيو. حنا رباني کر گهرو معاملن بابت يورپي ڪم??نر يلوا جوهانسن سان ملاقات ۾ تازو ئي شروع ڪيل مائيگريشن اينڊ موبلٽي ڊائيلاگ جي بهترين استعمال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي جنهن ۾ هنرمند مزدورن جي قانوني لڏپلاڻ جا موقعا پڻ شامل آهن. پاڪستان – يورپي يونين ري ايڊميشن معاهدي تي عملدرآمد ۾ تعاون کي مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. يورپي يونين ڪميشن ۾ پنهنجي ڳالهه ٻو??هه ۾ مملڪتي وزير ان اميد جو اظهار ڪيو ته يورپي يونين اڀرندڙ عالمي چئلينجز ۽ غيرروايتي سلامتي جي خطرن بشمول موسمياتي تبديلي، وبائي مرضن، پاڻي، توانائي ۽ غذائي تحفظ کي منهن ڏيڻ ۾ قائداڻو ڪردار ادا ڪندي. هن پائيداري، گرين اڪانومڪس، زراعت ۽ ڊيجيٽل ڪنيڪٽيويٽي تي خاص ڌيان ڏيڻ ۽ تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. جي ايس پلس اسڪيم جي اهميت کي اجاگر ڪندي مملڪتي وزير چيو ته موجوده حڪومت جي دور ۾ پاڪستان ۽ يورپي يونين جي واپار ۾ اضافو ٿيو آهي جنهن پاڪستان ۾ ترقي ۽ غربت جي خاتمي ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ اها ٻنهي ڌرين جي لاءِ ڪاميابي آهي. بيان موجب پاڪستان ۽ يورپي يونين جي ڳالهين وارو عمل اسٽريٽجڪ انگيجمينٽ پلان جو حصو آهي جيڪو امن، ترقي ?? خوشحالي جي لاءِ ڊگهي مدي واري مستقبل جي حوالي سان ۽ وسيع البنياد حصيداري کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ٻنهي ڌرين جي عزم جو ورجاءُ ڪري ٿو.
پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر جون برسلز ۾ يورپي يونين جي ٻن ڪمشنرن سان تفصيلي ملاقاتون
مضمون کا ماخذ : لاٹری ایپلی کیشنز کے فوائد