راولپنڊي – 09 – مئي (اي پي پي) خاتون اول بيگم ثمينه عارف علوي چيو آهي ته واپاري برادري خصوصي م??ڻهن جي ڀلائي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري، گڏيل ڪوششن سان ڇاتيءَ جي ڪينسر جي خلاف آگاهي ۾ خاطرخواهه ڪاميابي ملي، ڪنهن به ملڪ جي م??اشي ۽ اقتصادي ترقي ۾ واپاري برادري وڏي اهميت رکندي آهي، بريسٽ ڪينسر جي حوالي سان ميڊيا جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن راولپنڊي چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي اهتمام هيٺ عورتن ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر خلاف ٿيندڙ آگاهي س??شن کي خاص مهمان طور خطاب ڪندي ڪيو. بيگم ثمينه عارف علوي چيو ته عورتن ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت آگاهي جو فروغ وقت جي ضرورت آهي ڇو ته ڇاتيءَ جي ڪينسر جي وقت سر تشخيص ۽ علاج سان ان موذي م??ض کان بچي سگهجي ٿو. عورتن کي گهرجي ته جسم ۾ ڪنهن به ??يرمعمولي تبديلي جي صورت ۾ فوري طور تي ڊاڪٽر سان رجوع ڪن. وو??ين امپاورمينٽ هڪ خوش آئنده عمل آهي، جيڪو جاري رهڻ گهرجي. هن چيو ته آگاهي سان بريسٽ ڪينسر کان بچاءُ جا امڪان 90 سيڪڙو هوندو آهي، ڏورانهن علائقن ۾ به ??ريسٽ ڪينسر جي تشخيص جي سهولت جي دستيابي کي يقيني بڻائڻو پوندو. بيگم ثمينه عارف علوي خصوصي م??ڻهو معاشري جو اهم حصو آهن ۽ اسان جي ڌيان جا مستحق آهن، حڪومتي سطح تي خصوصي م??ڻهن جي بحالي جا قدم کنيا پيا وڃن، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته خصوصي م??ڻهن جي بحالي، ڀلائي ۽ انهن کي م??اشري جو ڪارائتو شهري بڻائڻ جي لاءِ معاشري جي سڀني طبقن خاص طور تي واپاري برادري پنهنجو ڪردار ادا ڪري. نجي شعبو ۽ اين جي اوز به ??صوصي م??ڻهن جي لاءِ ڪوٽا مخصوص ڪري. حڪومت عورتن کي بااختيار بڻائڻ سان گڏوگڏ خصوصي م??ڻهن کي به پاڻڀرو ڪرڻ بابت سنجيده قدم کڻي رهي آهي. خصوصي م??ڻهن کي قرض جي فراهمي سان گڏوگڏ انهن جي م??لي م??اونت جو سلسلو به ??اري آهي. پاڪستان دنيا جو خوبصورت ترين ملڪ آهي، نوجوانن کي گهرجي ته پنهنجي صلاحيتن جي ذريعي ملڪ ۽ قوم کي فائدو پهچائين. گڏيل ڪوششن سان ذهني صحت، مختلف قسمن جي جسماني م??ذوري ۽ بريسٽ ڪينسر جي بچاءُ جي حوالي سان ڪم ڪري سگهجي ٿو.
واپاري برادري خصوصي ماڻهن جي ڀلائي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري: بيگم ثمينه عارف علوي
مضمون کا ماخذ : لاٹری ایپ ڈاؤن لوڈ کریں