اسلام آباد – 29 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ۽ پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ (پي آءِ ڊي) جي خصوصي منصوبي ”پاڪستان انفارميشن سينٽر“ جي اهتمام هيٺ انفارميشن سروس اڪيڊمي، اسلام آباد ۾ نون ۽ مڊ ڪيريئر صحافين جي لاءِ ٻن ڏينهن وارو تربيتي ورڪشاپ پڄاڻي تي پهتو. ان تربيتي ورڪشاپ جو موضوع ”فيڪ نيوز ۽ ڪوڙ تي ٻڌل بيانيي جو تدارڪ“ هو جڏهن ته ورڪشاپ جو مقصد شرڪت ??ند??ن کي فيڪ نيوز ۽ منفي پروپئگنڊه جي تدارڪ 7 ان جو ٽوڙ ڪرڻ جي ضرورت ۽ اهميت کان روشناس ڪرائڻ هو. ٻن ڏينهن واري تربيتي ورڪشاپ جو افتتاح اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد ڪيو. ورڪشاپ جي ٻئي ڏينهن پهرين سيشن ۾ خيبر ٽي وي جي ڊ??ئريڪٽر حسن خان شرڪت ??ند??ن کي انفارميشن ۽ فيئر ۽ پروپئگنڊه جي ٽولز ۽ پروپئگنڊه جي تدارڪ بابت تفصيلي پريزنٽيشن ڏني ۽ تربيتي ورڪشاپ جي شرڪت ??ند??ن جي سوالن جا جواب ڏنا. ٻئي سيشن ۾ ريڊيو پاڪستان جي اڳوڻي ڊ??ئريڪٽر جنرل مرتضيٰ سولنگي ڇپجڻ کان اڳ خبرن جي تصديق ڪرڻ ۽ سچائي کان ڪم وٺڻ جي ضرورت ۽ اهميت تي روشني وڌي ۽ شرڪت ??ند??ن کي رياست جي خلاف پروپئگنڊه جو ٽوڙ ڪرڻ جي حڪمت عملي بابت ٻڌايو. ورڪشاپ جي ٽئين سيشن ۾ انفارميشن سروس اڪيڊمي جي ڊ??ئريڪٽر جنرل سعيد احمد شيخ شرڪت ??ند??ن کي سچي خبر جي ضرورت ۽ اهميت ۽ خبرون ٺاهڻ جي سموري عمل ۾ قومي مفادن کي نظر ۾ رکڻ بابت ٻڌايو ۽ انهن کي فيڪ نيوز ۽ ڪوڙي پروپئگنڊه کي منهن ڏيڻ جي لاءِ موثر قدم کڻڻ بابت آگاهه ڪيو. ورڪشاپ جي پڄاڻي تي خاص مهمان ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر جنرل انفارميش سروس اڪيڊمي سيد مبشر توقير شاهه ۽ نيشنل پريس ڪلب جي صدر انور رضا ٻن ڏينهن واري ٽرين??گ ورڪشاپ جي سمورن شرڪت ??ند??ن ۾ سرٽيفڪيٽس ورهايا. بعد ۾ هن مهان مقررن کي يادگاري شيلڊز پيش ڪيون. ان موقعي تي خاص مهمان سيد مبشر توقير ۽ نيشنل پريس ڪلب جي صدر انور رضا کي پڻ يادگاري شيلڊز پيش ڪيون ??يو??. ورڪشاپ جي شرڪت ??ند??ن اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ۽ پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ جي ان قدم کي ساراهيندي اهم موضوعن تي تربيتي ورڪشاپس جو سلسلو جاري رکڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.
اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ۽ پي آءِ ڊي تعاون سان نون ۽ مڊ ڪيريئر صحافين جي لاءِ ٻن ڏينهن وارو تربيتي ورڪشاپ پڄاڻي تي پهتو
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری ویب سائٹ