اسلام آباد – 23 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري عالمي اقتصادي فورم جي ٽن ڏينهن واري اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ سوئيٽزرلينڊ جي شهر ڊيووس روانو ٿي ويو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري موجب پرڏيهي وزير کي اجلاس ۾ شرڪت جي دعوت عالمي اقتصادي فورم جي صدر ڏني آهي، پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر به پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان گڏ آهي، پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري 23 کان 26 مئي تائين ڊيووس ۾ فورم جي سالياني اجلاس ۾ شرڪت ڪندو، پرڏيهي وزير ۽ مملڪتي وزير ٻئي حاضر عالمي ۽ علائقائي مسئلن تي عالمي اقتصادي فورم جي ڪيترن ئي تقريبن ۾ شرڪت ڪندا. پرڏيهي وزير اڀرندڙ جاگرافيائي سياسي اڳڀرائي جي معاشي ۽ سماجي اثر?? سان گڏوگڏ ڪورونا وبا، خوراڪ ۽ توانائي جي تحفظ ۽ موسمياتي تبديلي سبب پيدا ٿيندڙ چئلينجن جي باي ۾ پاڪستان جو موقف پيش ڪندا، بلاول ڀٽو زرداري سالياني اجلاس ۾ شرڪت پنهنجي هم منصب?? سان ملاقات ۽ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه به ڪندو، ورلڊ اڪنامڪ فورم هر سال سياسي ۽ ڪاروباري اڳواڻ?? سان گڏوگڏ عالمي تنظيمن جي نمائندن، سول سوسائيٽي ۽ سڄاول/135674.html">ي د??يا کان نوجوانن جي نمائندگي کي گڏ ڪري ٿو ته جيئن معاشي، سماجي ۽ ماحولياتي چئلينجن تي ضابطو آڻن لاءِ راهن جي نشاندهي ڪري سگهجي.
پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ڊيووس روانو
مضمون کا ماخذ : لاٹری ایپ ڈاؤن لوڈ کریں