اسلام آباد – 24 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عدالتي حڪمن جون ڌڄيون اڏائيندڙ چون ٿا ته رات جو عدالتون ڇو کليون؟ جڏهن آئين شڪني ٿيندي ته عدالتون ته کلنديون. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته ع??را?? خان فسطائيت ۽ آئين شڪني ڇڏي، پارليامينٽ کي اغوا ڪندڙ نه بڻجي، اڳ ۾ آئين، جمهوريت ۽ پارليامينٽ کي يرغمال بڻائي ٿو ۽ پوءِ چوي ٿو ته عدالتون ڇو ٿيون کلن؟ هن چيو ته آئين شڪني تي عدالتون کلن ته ع??را?? صاحب سازش جا ڪوڙ ڳالهائڻ لڳي ٿو، آئين شڪن ٽولي کي آرٽيڪل 6 تحت سزا ملڻ گه??جي. هن چيو ته ڀلي پوري پي ٽي آءِ بيمار پئجي وڃي حمزه شهباز حلف ضرور ک??ندو.
مضمون کا ماخذ : علاقائی کلیدی الفاظ