اسلام آباد – 09 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ملڪي سلامتي يقيني ??ڻا??ڻ جي لاءِ هٿياربند فوج، پوليس، انٽيليجنس ايجنسين ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي لازوال قربانين کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته نظرثاني ٿيل قومي ايڪشن پلان تحت طئي ڪيل گهٽ، وچولي ۽ ڊگهي مدي وارا هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ موثر قدمن ۽ رابطا وڌائڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ قومي ايڪشن پلان جي اعليٰ سطح جي ڪميٽي جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، دفاع واري ??فاقي وزير پرويز خٽڪ، گهرو وزير شيخ رشيد احمد، اطلاعات ۽ نشريات واري ??فاقي وزير چوڌري ??واد حسين، چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوه، ڊي جي آءِ ايس آءِ، قومي سلامتي واري صلاحڪار، چئني ص??بن ۽ گلگت بلتستان جي وڏن وزيرن، آزاد ڪشمير جي وزيراعظم، وفاقي سيڪريٽرين، چيف سيڪريٽرين، آءِ جي ۽ ٻين اعليٰ سول ۽ فوجي عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ قومي ايڪشن پلان جي مختلف هصن تي هيستائين ٿيندڙ اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو. ڪميٽي پاڙيسري ??لڪ افغانستان جي صورتحال ۽ ملڪ تي ان جي ممڪن اثرن سميت ٻي اڳڀرائي تي غور ڪيو. ڪميٽي نظرثاني ٿيل قومي ايڪشن پلان جي گهٽ ۽ وچولي مدي وارن هدفن جو جائزو ورتو ۽ سمورين ڌرين بشمول وفاق، ص??بن ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ذميوارين جو پڻ جائزو ورتو، ان موقعي تي فيصلو ڪيو ويو ته هر هدف جي بنيادي ڪارڪردگي اعشاريه متعين ڪيا ويندا ته جيئن مقرر وقت ۾ سمورا هدف حاصل ڪري سگهجن. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته سائبر سيڪيورٽي، عدالتي ۽ سول سڌارن، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي صلاحيت ۾ اضافي، پرتشدد انتهاپسندي جي خاتمي ۽ قومي سلامتي سان سڌوسنئون واڳيل ٻين سيڪيورٽي چئلينجن کي فوري ??نهن ڏيڻ جي لاءِ مختلف قدمن تي تيزي سان عملدرآمد ڪيو ويندو. عالمي سلامتي جي مسئلن بابت اطلاع جي وقت سر، صحيح ۽ خوش اسلوبي سان وهڪري کي يقيني ??ڻا??ڻ جي حوالي سان نيشنل ڪرائسز، انفارميشن، مئنيجمينٽ سيل قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو جنهن جي قيادت گهرو وزارت ۽ اطلاعات واري ??زارت ڪدنيون. اجلاس دوران سي پيڪ ۽ ملڪ ۾ سي پيڪ کان هٽي منص??بن تي ڪم ڪندڙ غيرملڪي خاص طور تي چيني شهرين جي فول پروف سيڪيورٽي يقيني ??ڻا??ڻ جي لاءِ مختلف قدمن جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ امن امان جي حوالي سان تازن ڪجهه قدمن سميت ملڪي صورتحال جو پڻ جائزو ورتو ويو. ان موقعي تي فيصلو ڪيو ويو ته ملڪي سلامتي يقيني ??ڻا??ڻ جي لاءِ سمورا ممڪن قدم کنيا ويندا ۽ شرپسند عنصرن کي پوري ??وت سان منهن ڏنو ويندو. وزيراعظم ان موقعي تي چيو ته دهشتگردي جي لعنت جي خلاف جنگ ۾ قوم وڏي قيمت ادا ڪئي آهي. هن ملڪي سلامتي کي يقيني ??ڻا??ڻ جي لاءِ هٿياربند فوج، انٽيليجنس ايجنسين ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهم ڪردار ۽ قربانين کي خراج عقيدت پيش ڪيو. وزيراعظم زور ڏنو ته نظرثاني ٿيل قومي ايڪشن پلان تحت ڪيل گهٽ، وچولي ۽ ڊگهي مدي وارا هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ موثر قدمن ۽ رابطا وڌائڻ جي ضرورت آهي.
نظرثاني ٿيل قومي ايڪشن پلان تحت طئي ڪيل گهٽ، وچولي ۽ ڊگهي مدي وارا هدف حاصل ڪرڻ لاءِ موثر قدمن ۽ رابطا وڌائڻ جي ضرورت آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : estatisticas lotomania