اسلام آباد – 23 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پاڪستان ۽ وچ ايشيائي رياستن جي وچ ۾ رابطن جي لاءِ مستحڪم، پرامن ۽ خوشحال افغانستان لازمي آهي، پاڪستان افغانستان ۾ هڪ اهڙي حڪ??مت چاهي ٿو جنهن ۾ افغانستان جي سمورن طبقن جي نمائندگي هجي. اها ڳالهه هن ازبڪستان جي سفير ايبڪ عارف عثمانوف سا?? ڳالهائيندي چئي جنهن اطلاعات واري وفاقي وزير سا?? سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ فائديمند شعبن ۾ تعاون سا?? پوري خطي ۾ موقعن ۽ خوشحالي جون نيون راهون کلنديون. هن چيو ته ڪراچي ۽ تاشقند جي وچ ۾ ريل ٽريڪ جي تعمير ?? پاڪستان مان وچ ايشيائي رياستن سا?? رابطي جو خواب رڳو افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام سا?? ئي ممڪن ٿي سگهي ٿو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان پنهنجي ڀائر ملڪ سا?? خوشگوار ٻطرفن لاڳاپن مان لطف اندوز ٿي رهيو آهي ۽ تاشقند سا?? سمورن علائقائي مسئلن خاص طور تي افغانستان ۾ هم آهنگي کي فروغ ڏيڻ چاهي ٿو. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان جي تازي تاشقند جي دوري سا?? ٻطرفن لاڳاپن کي هڪ نئين سگهه ملي آهي، ٻنهي ڌرين گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ گهڻ رخي ٻطرفي تعاون کي مضبوط بڻائڻ جي عزم کي ورجايو آهي. هن چيو ته پاڪستان افعانستان ۾ هڪ اهڙي حڪ??مت چاهي ٿو جنهن ۾ افغانستان جي سمورن طبقن جي نمائندگي هجي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ازبڪستان هڪ اهم وچ ايشيائي ملڪ آهي ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گهرن ثقافتي لاڳاپن سا?? عوامي سطح تي رابطن کي فروغ ملندو. واضح رهي ته پاڪستان ۽ ازبڪستان مغل شهنشاهه ظهيرالدين بابر ۽ اردو جي مشهور شاعر اسد الله خان غالب جي زندگين تي فلم ٺاهڻ تي اتفاق ڪيو آهي. ان ڏس ۾ تجويز وزيراعظم جي ازبڪستان جي دوري دوران غور هيٺ آئي. ملاقات دوران ان ڳالهه تي اتفاق ٿيو ته ان منصوبي جي شروعات جي لاءِ ماهرن جو هڪ گروپ جوڙيو ويندو. ان موقعي تي ازبڪستان جي سفير افغانستان ۾ ڦاٿل ماڻهن کي ڪڍڻ لاءِ پاڪستان جي ڪردار کي ساراهيندي چيو ته ڪابل ۾ هڪ اهڙي حڪ??مت هجڻ گهرجي جنهن ۾ افغانستان جي سمورن گروپن جي نمائندگي هجي. هن ازبڪستان جي تاريخي جاين ثمرقند، بخاره ۽ صوفي ازم تي دس??او??زي فلمون پي ٽي وي تي ٽيلي ڪاسٽ ڪرڻ جي تجويز کانسواءِ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ هر قسم جي سياحت جي فروغ جي ضرورت تي زور ڏنو. ملاقات ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جا سينيئر عملدار پڻ موجود هئا.
پاڪستان ۽ وچ ايشيائي رياستن جي وچ ۾ رابطن جي لاءِ مستحڪم، پرامن ۽ خوشحال افغانستان لازمي آهي: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : پاور بال کا ٹکٹ