اسلام آباد – 12 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي ??زي?? فرخ حبيب چيو آهي ته ??زي??اعظم عمران خان هن وقت پاڪستان ۾ واحد اڳواڻ آهي جيڪو ايندڙ نسلن لاءِ موسمياتي تبديلي جي اثرن کي منهن ڏيڻ جي قدمن، پاڻي جي ذخيرن ۽ سستي پن بجلي ٺاهڻ جي منصوبن تي ڪ??ربند آهي. تاريخ گواهه آهي ته 1967ع کانپوءِ پاڪستان ۾ وڏا ڊيم نه ٺهي سگهيا، تربيلا جو پنجون توسيع منصوبو 807 بلين ڊالر جي لاڳت سان 2024ع ۾ مڪمل ٿيندو ان منصوبي جي ڪ??ي تربيلا ۾ بجلي پيدا ڪرڻ جي صلاحيت 4 هزار 888 ميگاواٽ کان وڌي 6 هزار 418 ميگاواٽ ٿي ويندي. پنهنجي بيان ۾ مملڪتي ??زي?? فرخ حبيب چيو ته ماضي ۾ پاڻي جي ذخيرن تي اهڙي طرح جو ڪم ناهي ٿيو، ??زي??اعظم عمران خان ملڪ ۾ پاڻي ذخيرن جي منصوبن ۾ گِهري دلچسپي وٺي رهيو آهي. هن چيو ته ديامرڀاشا ڊيم، داسو هائيڊرو پ??ور، مهمند ڊيم، هريپور پاور پراجيڪٽ، ڪڇي ڪينال، سنڌ بئراج، ڪي فور واٽر سپلائي پروجيڪٽ، ڪُرم تنگي ڊيم ۽ نئين گاج ڊيم پراجيڪٽ تي ڪم تيزي سان جاري آهي، آبي ذخيرن جا اهي 10 منصوبا مڪمل ٿيڻ سان ملڪ ۾ هڪ ڪروڙ 28 لک 90 ايڪڙ فوٽ پاڻي ذخيرو ٿيندو هن چيو ته انهن منصوبن مان سستي پن بجلي جي پيداوار ۾ 9043 ميگاواٽ اضافو، 35 هزار ??ان وڌيڪ ملازمتن جا موقعا ميسر ايندا. مملڪتي ??زي?? فرخ حبيب چيو ته عمران خان لاءِ س??ني وفاقي اڪاين جا آبادگار برابر آهن، هو س??ني جي هڪجهڙي ترقي جو خواهشمند آهي.
وزيراعظم ايندڙ نسلن لاءِ موسمياتي تبديلي جي اثرن کي منهن ڏيڻ جي قدمن، پاڻي جي ذخيرن ۽ سستي پن بجلي ٺاهڻ جي منصوبن تي ڪاربند آهي: فرخ حبيب
مضمون کا ماخذ : نتیجہ لوٹومینیا