اسلام آباد – 08 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اڄ سومر ڏينهن لاهور ۾ مياواڪي اربن ف??ري??ٽ جو افتتاح ڪندو. 10 ارب سونامي منصوبي تحت مون سون ۾ وڻڪاري جي لاءِ وزيراعظم دنيا جي سڀ کان وڏي مياواڪي ف??ري??ٽ جو افتتاح ڪرڻ جي لاءِ لاهور جو دورو ڪندو. اهو ف??ري??ٽ 100 ڪينال تي ٺاهيو ويو آهي جڏهن ته ان ۾ هڪ لک 65 هزار ٻوٽا لڳايا ويندا جيڪي منفرد مياواڪي ٽيڪنالاجي سان معمول جي وڻن جي مقابلي ۾ 10 ڀيرا جلد وڏا ٿيندڙ ٻوٽا آهن. شهري ٻيلا تيزي سان پوکڻ جي لاءِ مخصوص زمين جي تياري سان گڏوگڏ مختلف قسمن کي م??تلف واڌويجهه جي شرح سان استعمال ۾ آندو پيو وڃي. لاهور جي م??تلف حصن ۾ مياواڪي جي 53 ٻيلن جي نشاندهي م??تلف جاين تي ڪئي وئ?? آهي جنهن سان ڪاربن ۾ گهٽتائي سان گڏوگڏ شهري آلودگي ۾ گهٽتائي آڻي سگهبي. وزيراعظم عمران خان لاهور جي آلودگي کان پاڪ ۽ باغن جي شهر جي تجديد ۽ بحالي جي لاءِ پرعزم آهي. موجوده مون سون دوران سڄي ملڪ ۾ 50 ڪروڙ ٻوٽا لڳايا پيا وڃن جيڪا پاڪستان جي ت??ري?? ۾ سڀ کان وڏي وڻڪاري آهي.
وزيراعظم عمران خان اڄ لاهور ۾ مياواڪي اربن فاريسٽ جو افتتاح ڪندو
مضمون کا ماخذ : jogos de loteria Nordeste