اسلام ??باد – 21 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان فل??ط??نن سان ڀرپور يڪجهتي جي اظهار تي قوم کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته فل??طين جي باري ۾ دنيا جي راءِ تبديل ٿي رهي آهي، اهو وقت پري ناهي جڏهن فل??ط??نن کي برابر جا حق ملندا، اسان امن لاءِ دعاڳو آهيون، اهڙن خيالن جو اظهار هن فل??ط??نن سان يڪجهتي جي اظهار جو ڏينهن ملهائڻ جي موقعي تي قوم کي خطاب ۾ ڪيو، وزيراعظم چيو ته اڄ جهڙي طرح سان پاڪستاني قوم فل??ط??نن جي حمايت ۾ نڪتي آهي ان سان مون کي خوشي ٿي آهي، سڄي قوم فل??ط??نن تي ظلمن جي نشاندهي ۽ ان جي مذمت ڪئي آهي جنهن تي قوم کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. وزيراعظم چيو ته اسرائيل جڏهن کان ٺهيو آهي پاڪستان جو ان مسئلي تي هڪ ئي موقف رهيو آهي ۽ اهو موقف اسان جي عظيم اڳواڻ پاڪستان جي باني قائداعظم محمد علي جناح جو هو ته فل??ط??نن سان اها وڏي ناانصافي ۽ زيادتي ٿي آهي ۽ اسان پنهنجي موقف تي سدائين قائم رهنداسين. وزيراعظم چيو ته 27 رمضان جي رات جڏهن جو مسجد نبوي ۾ هو ته کيس قبله اول مسجد اقصيٰ تي اسرائيلي حملي ۽ اسرائيلي پوليس طرفان فسلط??نن تي تشدد جو پتو پيو، 70 سالن کان فل??ط??نن جي آبادي کي اسرائيلي آبادڪارن انهن جي گهرن مان ڪڍي ڇڏيو ۽ ان سان هڪ نئون انتشار پيدا ٿيو، وزيراعظم چيو ته غزه ۾ بمباري ڪئي وئي ۽ طاقتور ور فوج هٿين خالي فل??ط??نن تي ظلم ڪيو ويو، ٻارن کي بمباري ڪري شهيد ڪيو ويو، ان صورتحال ۾ اڳئين ڏينهن ئي مون او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل سان ملاقات ڪئي ۽ کيس چيو ته او آءِ سي ان معاملي تي اسٽينڊ وٺي ۽ فل??ط??نن تي ظلم جي معاملي کي گڏيل قومن ۾ کنيو وڃي، وزيراعظم چيو ته مون پاڪستان واپس اچي شاهه سلمان سان ان معاملي تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ کيس ان معاملي تي آواز بلند ڪرڻ جو چيو، وزيراعظم چيو ته ان کانپوءِ ترڪ صدر رجب طيب اردوان ۽ ملائشيا جي اڳوڻي وزيراعظم مهاتر محمد سان به ان معاملي تي ڳالهه ٻولهه ٿي ۽ پوءِ فل??طين صدر محمود عباس سان ٿي مون کين خاطري ڪرائي ته سڄي ملسمان امت پر سموري انصاف پسند دنيا انهن سان گڏ بيـٺل آهي ۽ مون شاهه محمود قريشي کي هدايت ڪئي ته ان معاملي کي گڏيل قومون جي جنرل اسيمبلي ۾ کڻي ۽ هن جهڙي طرح سان سڀني مسلمان ملڪن کي گڏائي ان مسئلي کي ڀرپور طريقي سان کنيو ان تي کيس داد ڏيان ٿو، هن چيو ته ان سڄي صورتحال ۾ خوشي جي ڳالهه اها آهي جو هاڻي دنيا جي راءِ فل??ط??نن جي باري ۾ تبديل ٿي رهي آهي.
فلسطين جي باري ۾ دنيا جي راءِ تبديل ٿي رهي آهي، اهو وقت پري ناهي جڏهن فلسطينن کي برابر جا حق ملندا: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : گنہر نا لوٹیریا