اسلام آباد – 17 فيبروري (اي پي پي) وفاقي ڪابينا وفاقي حڪومت جي ملازمن جي پگهارن ۾ 25 سيڪڙو اضافي، پهرين مارچ کان سمورين معاشي سرگرمين کي مڪمل طور تي بحال ڪرڻ ۽ مختلف مقررين جي منظوري ڏئي ڇڏ?? آهي، حڪومت جي ڪوشش آهي ته ايندڙ عام چونڊون اليڪٽرانڪ ووٽنگ ذريعي ٿين ۽ سمنڊ پار پاڪستانيز اليڪٽرانڪ ووٽنگ ۾ حصو وٺ?? سگهن، صدر جي مشاورت سان اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينون هڻ?? جي لاءِ گهربل سمورن انتظامي قدمن ۽ مرحلن جي نشاندهي ڪئي ويندي، ڪابينا جنسي ڏوهن جي واقعن جو سخت نوٽيس وٺ??دي ان حوالي سان سامهون ايندڙ رپورٽن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو، حڪومت سينيٽ چونڊون اوپن بيلٽ ذريعي ڪرائ?? جي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪري ره?? آهي، سپريم ڪورٽ کان رهنمائي، آرڊيننس جاري ڪرڻ ۽ قومي اسيمبلي ۾ ترميمي بل پيش ڪرڻ جو مقصد سينيٽ چونڊون شفاف بڻائڻ آهي، موجوده حڪومت چونڊ عمل کي مڪمل طور تي شفاف بڻائ?? جي لاءِ پرعزم آهي. اهڙن خيالن جو اظهار اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏيندي ڪيو. هن ٻڌايو ته وفاقي ڪابينا کي ڪورونا وائرس جي صورتحال ۽ ڦهلاءُ جي شرح بابت بريفنگ ڏني وئي. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته ملڪ ۾ ڪورونا جي ڪيسز جي انگ ۽ ڦهلاءُ جي شرح ۾ گهٽتائي اچي ره?? آهي. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته ڪورونا ويڪسين فرنٽ لائين ورڪرز کي لڳائي پئي وڃي. هيستائين اٽڪل 50 هزار فرنٽ لائين ورڪرز کي ويڪسين لڳائي وئ?? آهي ۽ ان عمل کي وڌيڪ ??يز ڪيو پيو وڃي. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته 65 سالن کان وڌيڪ عمر جي ماڻهن جي لاءِ 1166 نمبر فراهم ڪيو ويو جتي ويڪسين جي لاءِ اهي پنهنجي سڃاڻپ ڪارڊ جي داخلا ۽ رجسٽريشن ڪرائي سگهن ٿا. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته نجي شعبي پاران ويڪسين جي درآمد ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪيو ويو آهي. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته پهرين مارچ کان سمورين معاشي سرگرمين کي مڪمل طور تي بحال ڪيو ويندو. وزيراعظم ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ ۽ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينون هڻ?? جي حوالي سان اڳڀرائي بابت معلوم ڪيو. وزيراعظم چيو ته موجوده حڪومت چونڊ عمل کي مڪمل طور تي شفاف بڻائ?? جي لاءِ پرعزم آهي. وزيراعظم چونڊ سڌارا ڪميٽي کي هدايت ڪئي ته صدر جي مشاورت سان اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينون هڻ?? جي لاءِ گهربل سمورن انتظامي قدمن ۽ مرحلن جي نشاندهي ڪئي وڃي ۽ ان حوالي سان ٽائيم ل??ئينز مقرر ڪيون وڃن. وزيراعظم چيو ته چونڊ عمل جي مڪمل طور تي شفافيت کي يقيني بڻائڻ موجوده حڪومت جي اولين ترجيح آهي. جبري گمشدگين جي معاملي جي حوالي سان ڪابينا ان ڳالهه کي ورجايو ته موجوده حڪومت مڪمل طور تي شفافيت ۽ قانون جي عملداري تي پڪو يقين رکي ٿي. وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي ته ان حوالي سان پارليامينٽ ۾ قانون آڻ?? جي عمل کي ??يز ڪيو وڃي. ڪابينا جنسي ڏوهن جي واقعن جو سخت نوٽيس وٺ??دي ان حوالي سان سامهون ايندڙ رپورٽن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ هدايت ڪئي ته انهن ڏوهن جي روڪٿام جي حوالي سان قانون لاڳو ڪرڻ ۽ قدمن کي يقيني بڻايو وڃي. ڪابينا موجوده حڪومت پاران عورتن کي ملڪيت ۾ انهن جو حق ڏيار?? جي قانون کي ساراهيندي هدايت ڪئي ته ٻاهرئين ملڪ پاڪستانين جي ملڪيتن جي معاملن جي فوري حل جي حوالي سان قانون جي عمل کي به ??يز ڪيو وڃي.
وفاقي ڪابينا وفاقي ملازمن جي پگهارن ۾ 25 سيڪڙو اضافي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي: شبلي فراز
مضمون کا ماخذ : میان میجک وائلڈ فائر