اسلام آباد – 19 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي موجودگي ۾ پاڪستان ۽ ٽي عالمي مال??ات?? ادارن جي وچ ۾ 1500 ملين ڊالر جي مال??ات?? معاهدن تي صحيحون ڪيون ويون، اهو معاهدا عالمي بئنڪ، ايشيائي ترق??ات?? بئنڪ ۽ ايشئين انفرااسٽرڪچر ڊلپمينٽ بئنڪ سان طئي ٿيا. ايشيائي ترق??ات?? بئنڪ ڪوويڊ 19 ايڪٽو رسپانس اينڊ ايڪسپينڊيچر سپو??ٽ پروگرام لاءِ 500 ملين ڊالر جي مالي مدد فراهم ڪندو، ان جو مق??د حڪومت پاڪستان کي ان جي صحت جي نظام کي مضبوط بڻائڻ ۽ ڪورونا وبا جي سماجي ۽ معاشي اثرن ۾ گهٽتائي آڻڻ جي ڪوششن ۾ تعاون فراهم ڪرڻ آهي، انهي طرح ايشيئن انفرااسٽرڪچر انويسٽمنيٽ بئنڪ به ڪوويڊ 19 ايڪٽو ريسپانس اينڊ ايڪسپينڊيچر سپو??ٽ پروگرام لاءِ 500 ملين ڊالر جي معاون فنانسنگ فراهم ڪري رهيو آهي، ان جو مق??د ڪورونا وبا جي اثرن تي ضابطو آڻڻ جي حڪومتي ڪوششن ۾ تعاون فراهم ڪرڻ آهي، ان کانسواءِ انساني وسيلن جي ترقي لاءِ ضروري صحت ۽ تعليم جي نظام کي مضبوط بڻائڻ، معاشي پيداوار ۾ عورتن جي ڪردار جي حوصلا افزائي ۽ سماجي تحفظ جي منصوبن ۾ بهتري ۾ مدد جي سلسلي ۾ اسيڪورنگ هيومن انويسٽمينٽس ٽو فاسٽر ٽرانسفارميشن (شفٽ) لاءِ 500 ملين ڊالر جي معاهدي تي به صحيحون ڪيون ويون.
وزيراعظم جي موجودگي ۾ پاڪستان ۽ ٽي عالمي مالياتي ادارن وچ ۾ 1500 ملين ڊالر جي مالياتي معاهدن تي صحيحون
مضمون کا ماخذ : منی ٹرین 2