اسلام آباد – 12 مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وفاقي ڪابينا چونڊ عمل ۾ شفافيت جي لاءِ سڌارا آڻڻ جي تجويزن کي ساراهيندي مختلف ادارن جي سربراهن جي مقرري لاءِ لاڳاپيل قاع??ن ۽ ضابطن ۾ تبديلي جو فيصلو ڪيو آهي، وزيراعظم 12 وزارتن ۾ ضابطن جي خلاف مقررين جي رپورٽ جو سخت نوٽيس وٺندي ٻين وزارتن کان به هڪ هفتي اندر رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي، وزيراعظم عمران خان جي سوچ جو محور ملڪ جي غريب ۽ ڪمزور طبقن جي ڀلائي آهي، لاڪ ڊائون ۾ نرمي به انهي سوچ جي عڪاس آهي، اسان کي ماڻهن جي صحت جي حفاظت سا?? گڏوگڏ انهن جي معاشي تحفظ کي به يقيني بڻائڻو آه??. و??اقي ڪابينا جي اجلاس جي فيصلن بابت صحافين کي بريفنگ ڏيندي هن ٻڌايو ته ڪابينا ا??لاس جي ايجنڊا 7 نقاطي هئي، ڪابينا ا??لاس ۾ چونڊ سڌارن جي لاءِ 39 تجويزون پيش ڪيون ويون، اهي تجويزون اعظم سواتي پارلياماني معاملن واري وزير جي حيثيت سان تيار ڪيون هيون.
وفاقي ڪابينا چونڊ عمل ۾ شفافيت جي لاءِ سڌارا آڻڻ جي تجويزن کي ساراهيو آهي: شبلي فراز
مضمون کا ماخذ : لکی لیڈیز چارم