اسلام آباد – 08 جولاءِ (اي پي پي) وفاقي وزيرن چيو آهي ته قطري شهزادي جي خط جي تصديق کي جي آءِ ٽي جو حصو نه بڻايو ويو ته مسلم ليگ (ن) جي آءِ ٽي جي رپورٽ کي تسليم نه ڪندي، قطري شهزادي جي خط جي تصديق نه ڪرڻ ناا??صا??ي هوندي، جي آءِ ٽي جي رپورٽ کي پبلڪ ڪيو وڃي ته جيئن عوام کي ان حوالي سان آگاهي ملي سگهي. اهڙن خيالن جو اظهار منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير احسن اقبال، پاڻي ۽ بج??ي واري وفاقي وزير خواجه آصف، پيٽروليم واري وفاقي وزير شاهد خاقان عباسي ۽ ريلوي واري وفاقي وزير خواجه سعد رفيق گڏيل طور تي پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. ريلوي واري وفاقي وزير خواجه سعد رفيق چيو ته جي آءِ ٽي جوڙڻ جو طريقيڪار، جوڙجڪ ۽ ميمبرن جي چونڊ پهرين ڏينهن ??ان ئي تڪراري رهي، جي آءِ ٽي مڃي ورتو ته تصوير انهن ??ان ليڪ ٿي پر ذميوار جو نالو نه ٻڌايو ويو جڏهن ته جي آءِ ٽي ۾ ماڻهن تي بيان بدلائڻ جي لاءِ دٻاءُ وڌو ويو.
جي آءِ ٽي جي رپورٽ کي پبلڪ ڪيو وڃي: وفاقي وزيرن جي پريس ڪانفرنس
مضمون کا ماخذ : وائکنگز گو برزرک