اسلام آباد – 26 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته پاڪستان آذربائيجان سان پنهنجي حصيداري ۽ ويجهن دوستاڻن لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو ۽ دفاع، توانائي، واپار ۽ اقتصادي ش??بن ۾ گڏيل طور تي فائديمند لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جو خواهشمند آهي. هن اها ڳالهه آذربائيجان جي دفاعي صن??ت واري وزير ي??ور جمالوف سان وزيراعظم هائوس ۾ ڳالهائيندي چئي. ٻنهي طرفن کان واپار ۽ معيشت جي ش??بن ۾ تعاون وڌيڪ وڌائڻ ۽ نوان موقعا ڳولڻ جي لاءِ گڏيل وزارتي اجلاس جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ي??ور جمالوف جي آجيان ڪندي وزيراعظم آذربائيجان جي صدر الهام عليوف سان ويجهي ماضي ۾ ڊيووس ۾ ٿيندڙ ملاقات جو ذ??ر ڪيو جنهن ۾ ٻنهي اڳواڻن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن ۾ اضافي تي اتفاق ڪيو هو.
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا وفاقی