رياض-19 نومبر (اي پي پي) سعودي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان چيو آهي ته اسرائيل جارحيت خطي کي وسيع جنگ طرف ڌڪي رهي آهي. العربيه اردو موجب سعودي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان چيو ته غزه ۽ لبنان ۾ جاري اسرائيلي جارحيت انساني فسادن کي جنم ڏنو آهي ۽ جارحيت خطي کي وسيع جنگ طرف ڌڪي رهي آهي، قانون ۽ عالمي ادرن جي ساک تباهه ٿي رهي آهي. هن چيو ته سڄي دنيا جي ملڪن ??و اهو موقف آهي ته وچ اوڀر ۾ جاري جنگ فوري بند ڪئي وڃي، بغير ڪنهن رڪاوٽ جي انساني امداد کي پهچڻ ڏنو وڃي. يرغمالين کي آزادڪ??و وُڃي ۽ ٻه رياستي حل جي بنياد ت?? مستقل امن جي سنجيده پاسداري کي يقيني بڻا??و وڃي. هن چيو ته دنيا کي هن وقت ڇڪتاڻ، فوجي تڪرار ۽ انساني بحران درپيش آهي، اهي شيو?? ترقي جي هدف کي يقيني بنائڻ ۾ رڪاوٽ بڻجي رهيون آهن.
مضمون کا ماخذ : آزاد کشمیر لاٹری