اسلام آباد – 04 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سعود?? عرب ۽ قطر جي دورن ۽ ملاقاتن کي انتهائي لاڀائتو ۽ تعميري قرار ڏيندي چيو آهي ته سعود?? عرب ۽ قطر پا??ست??ن ۾ سيڙپڪاري جا خواهشمند آهن، پا??ست??ني وفد جلد سعود?? عرب ويندو، قطر انويسٽمينٽ اٿارٽي جا عملدار هلندڙ مهيني پا??ست??ن جو دورو ڪندا، سعود?? عرب ۾ لکين هنرمند افرادي قوت جي ضرورت آهي. وفاقي ڪابينا جي اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم وفاقي ڪابينا کي پنهنجي سعود?? عرب ۽ قطر جي دورن جي حوالي سان اعتماد ۾ ورتو. هن چيو ته آئُون تازو ئي سعود?? عرب ۽ قطر جي دورن تان واپس آيو آهيان، سعود?? عرب ۾ مُون فيوچر انويسٽمينٽ انيشي ايٽو جي فورم کي خطاب ڪيو جتي هن سعودي ولي عهد محمد بن سلمان سميت اهم شخصيتن ۽ اڳواڻن سان ملاقاتون ڪيون. وزيراعظم ٻڌايو ته سعودي ولي عهد هڪ ڀيرو ٻيهر پا??ست??ن جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ پا??ست??ن جي ترقي ۽ سيڙپڪاري جي حوالي ساڻس لاڀائتي ڳالهه ٻولهه ٿي، سعودي ولي عهد سان آجياڻي تي پڻ ملاقات ٿي، ٻئي ڏينهن هن پنهنجي ٽيم به موڪلي، سعود?? عرب جي سيڙپڪاري واري وزير ۽ پا??ست??ن جي لاءِ رائل ڪورٽ جي خصوصي نمائندي سان پڻ ملاقاتون ٿيون جنهن ۾ سولر، مائنر ۽ منرلز، زراعت ۽ گڏيل حصيداري جي ٻين شعبن جي حوالي سان تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. ان موقعي تي سعودي عملدارن جي پريس ڪانفرنس به ٿي جيڪا تمام گهڻي لاڀائتي هئي. وزيراعظم ٻڌايو ته سندس ملاقاتن ۽ دوري جي نتيجي ۾ پا??ست??ن جو وفد تمام جلد سعود?? عرب روانو ٿيندو. وزيراعظم ٻڌايو ته سعود?? عرب کانپوءِ هن قطر جو دورو پڻ ڪيو، اهو دورو به سعود?? عرب وانگر انتهائي لاڀائتو ۽ تعميري هو، قطر جي امير سان نويڪلائي ۽ وفدن جي سطح تي پڻ ملاقات ٿي. قطر جي امير جي ڀيڻ پاران پا??ست??ن جي تاريخ جي حوالي سان هڪ بهترين نمائش جو پڻ اهتمام ڪيو ويو جنهن ۾ قطر جي امير پاڻ شرڪت ڪئي، هن اسان جي اعزاز ۾ مانجهاندو پڻ ڏنو. وزيراعظم چيو ته قطر جي امير ماضي ۾ ٽي ارب ڊالر جي سيڙپڪاري جي حوالي سان جيڪو واعدو ڪيو هو ان تي تيزي سان عملدرآمد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، قطر انويسٽمينٽ اٿارٽي جو چيئرمين ۽ سندس ٽيم جلد پا??ست??ن جي دوري تي ايندا. وزيراعظم چيو ته سعود?? عرب ۾ آءِ ٽي سميت مختلف شعبن ۾ لکين هنرمندن جي ضرورت آهي، سعودي ولي عهد پا??ست??ن مان هنرمند افرادي قوت موڪلڻ جو چيو آهي، اهڙي طرح قطر جي امير پا??ست??ن ۾ آءِ ٽي پارڪ لڳائڻ جو اشارو ڏنو آهي. وزيراعظم ٻڌايو ته سعود?? عرب ۽ قطر جا دورا ۽ ملاقاتو?? انتهائي لاڀائتيون ۽ تعميري رهيون، پا??ست??ن جو وفد هڪ ٻن ڏينهن ۾ سعود?? عرب ويندو، آذربائيجان جي صدر 2 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري جي ڳالهه ڪئي هئي، انهن پاران پڻ پيغام آيو اهي ته هو اسان جا منتظر آهن، جلد ان حوالي سان اجلاس گهرائيندس.
وزيراعظم پاران سعودي عرب ۽ قطر جا دورا ۽ ملاقاتُون لاڀائتيون ۽ تعميري قرار، سعودي عرب ۽ قطر پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا خواهشمند آهن، پاڪستاني وفد جلد سعودي عرب ويندو، قطر انويسٽمينٽ اٿارٽي جا عملدار هلندڙ مهيني پاڪستان جو دورو ڪندا: محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : عظیم البینی