نيويارڪ – 25 – سيپٽمبر (اي پي پي) ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان غزه تي غيرفعال ٿيڻ تي گڏيل قومن تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته اسرائيل فلسطيني سرزمين کي ”ٻارن ۽ عورتن جي دنيا جي سڀ کان وڏي قبرستان“ ۾ تبديل ڪري رهيو آهي، نيتن ياهو ۽ ان جي قتل عام جي نيٽ ورڪ کي ”انسانيت جي اتحاد“ جي ذريعي روڪ?? گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن لبنان جي حمايت پڻ ڪئي جتي اسرائيل حزب الله کي نشانو بڻائيندي وڏي پئماني تي حملا ڪيا هئا. ترڪ صدر وچ اوڀر جي علائقي کي جنگ ۾ گ??سي??ڻ تي اسرائيلي وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو جي حڪومت کي تنقيد جو نشانو بڻايو. رجب طيب اردوان چيو ته غزه ۾ نه رڳو ٻار پر گڏيل قومن جو نظام پڻ مري رهيو آهي، حقيقت ۾ اهي قدر جن جي دف??ع جي اولهه دعويٰ ڪري ٿو دم ٽوڙي رهيو آهي، آئون کلي دل سان پڇان ٿو ته ڇا غزه ۽ اولهندي ڪناري ۾ رهندڙ انسان نه آهي؟. ترڪ صدر گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کي جنگ کي روڪڻ جو حڪم ڏيڻ ۾ ناڪامي تي تنقيد جو نشانو بڻايو ۽ گڏيل قومن جي 5 مستقل ميمبرن طرف اشارو ڪندي چيو ته ”دنيا 5 کان وڏي آهي، گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل، توهان غزه ۾ نسل ڪشيءَ کي روڪڻ ۽ ان ظلم، ان ڏاڍ کي روڪڻ جي لاءِ ڪنهن شيءَ جو انتظار ڪري رهيا آهن؟“ رجب طيب اردوان عالمي برادري تي زور ڏنو ته هو ”نيتن ياهو ۽ ان جي قاتل نيٽ ورڪ“ کي روڪڻ جي لاءِ اسرائيلي وزيراعظم جي نازي جرمني جي ايڊولف هٽلر سان ڀيٽ ڪريو، جهڙي طرح هٽلر کي 70 سال اڳ انسانيت جي اتحاد روڪيو هو، اهڙي طرح نيتن ياهو ۽ ان جي قاتل نيٽ ورڪ کي ”انسانيت جي اتحاد“ جي ذريعي روڪ?? گهرجي. لبنان تي اسرائيلي حملن جي تازه ت??ين لهر تي ترڪ صدر چيو ته توهان قتل عام جي نيٽ ورڪ کي روڪڻ جي لاءِ وڌيڪ ڪهڙيءَ شيءَ جو انتظار ڪري رهيا آهيو جيڪا فلسطيني عوام سان گڏوگڏ پنهنجي شه??ين جي زندگين کي پڻ خطري ۾ وجهي ٿو ۽ پوري خطي کي جنگ ۾ گ??سي??ي ٿو. اردوان غزه ۾ جنگبندي جو مطالبو ڪندي چيو ته فوري ۽ مستقل جنگبندي ڪر?? گهرجي، يرغمالين ۽ قيدين جي مٽاسٽا ڪر?? گهرجي ۽ غزه تائين انساني امداد بنا روڪ ٽوڪ ۽ بنا تعطل پهچائ?? گهرجي.
ترڪيه جي صدر جي غزه تي غيرفعال ٿيڻ تي گڏيل قومن تي تنقيد
مضمون کا ماخذ : لاٹری کھیلنے کا طریقہ