رياض- 21 فيبروري (اي پي پي) سعودي عرب غزه ??ٽي ۽ ڀرپاسي ۾ فوري طور تي جنگبندي جي مطالبي واري ٺهراءَ جي مسودي کي ويٽو ڪرڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ايس پي اي مطابق سعودي عرب ??ي پرڏيهي وزارت پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو وي آهي ته عوامي جمهوريه الجزائر طرفان سلامتي ڪائونسل ۾ غزه ??ٽي تي فوري جنگبندي جو مطالبو ??يو هو. پرڏيهي وزارت پاران جاري ڪيل بيان ۾ ان ڳالهه تي زور ڀريو ويو ته سلامتي ڪائونسل ۾ پهرين کان وڌيڪ سڌارن جي ضرورت آهي ته جئين ع??لم?? سطح تي حقيقي معنيٰ ۾ امن ۽ سلامتي جي قيام جو رستو سڌو ٿي سگهي جنهن لاءِ ٻٽو معيار ختم ڪرڻو پوندو. مملڪت غزه ??ٽي ۽ ان جي ويجهن علائقن ۾ بگڙجندڙ صورتحال ۽ ع??لم?? امن ۽ سلامتي لاءِ خطرو بڻجندڙ عسڪري ڪارروائين ۾ اضافي کان به خبردار ڪيو جنهن جي ڪري فلسطين مسئلي ??ي پر امن حل جي راهه ۾ رڪاوٽون پيدا ڪيون پيون وڃن.
غزه ۾ جنگ بندي جي قرار داد کي ويٽو ڪرڻ تي سعودي عرب پاران ڏک جو اظهار
مضمون کا ماخذ : پیش گوئی اور حکمت عملی