ڪيپ ٽائون- 25جنوري (اي پي پي) ڏکڻ آفريقا اميد ظاهر ڪئي آهي ته عالمي انصاف واري عدالت (آءِ س?? جي ) ايندڙ جمعي تي غزه ۾ جنگ بندي روڪڻ بابت هنگامي قدمن جي باري ۾ فيصلو ٻڌائي سگهي ٿي، ان ڳالهه جو اظ??ار ڪيس جي ڪاروائي کان آگاه ذريعن ڏکڻ آفريقا جي نيوز 24 نالي پورٽل سان ڳالهائيندي ڪيو آهي، ڏکڻ آفريقا جي انصاف واري وزارت جي ترجمان موجب ان حوالي سان هن وقت تائين ڪو به اعلان نه ڪيو آهي ، جڏهن ته ٻئ?? پاسي اسرائيل جي پرڏيهي وزارت ان حوالي سان پنهنجي لاعلمي جو اظ??ار ڪندي چيو آهي ته هو ان معاملي تي اڃا به نظر رکي رهيو آهي، ڏکڻ آفريقا 29 ڊسمبر 2023 تي انصاف جي عالمي عدالت ۾ اسرائيل خلاف ڪ??س داخل ڪيو هو جنهن ۾ مطالبو ڪيو ويو هو ته عدالت اهو واضع ڪري ته اسرائيل غزه ۾ ڪريڪ ڊائون جي بهاني فلسطينين جي نسل ڪشي ڪري رهيو آهي، اب ڪيس ۾ ڏکڻ آفريقا عدالت کان مطالبو ڪيو آهي ته عارضي يا ڊگهي مدي وارا قدم کڻي جنهن ۾ اسرائيل کي غزه ۾ پنهنجي فوجي مهم روڪڻ جو حڪم ڏنو وڃي ،غزه کي معاوض?? جي آڇ ڪئي وڃي ۽ نئين سر تعمير لاءِ فنڊ فراهم ڪيا وڃن.
ڏکڻ آفريقا غزه بابت عالمي عدالت جي عبوري فيصلي بابت پر اميد آهي
مضمون کا ماخذ : quina resultados anteriores