نيويارڪ-08 نومبر (اي پ?? پي) گڏيل قومن جي سي??ري??ري جنرل انتونيوگوتريش دردمنداڻي اپيل ڪئي آهي ته غزه ۾ ڦاٿل ۽ بک جو شڪار 23 لک کان وڌيڪ فلسطينين کي طبي سامان، خوراڪ، ??يئ?? جو صاف پاڻي ۽ لائٽنگ سهولتن جي فراهمي لاءِ جنگ بندي ڪئي وڃي. گذريل ڏينهن جاري بيان ۾ هن چيو ته غزه ۾ شهرين جي مارجڻ ۽ مسلسل ٿيل انساني تباهي جنهن جو تصور به نٿو ڪري سگهجي، اهو انتهائي پريشان ڪندڙ آهي، هن چيو ته غزه ۾ انساني همدردي جي بنيادن تي جنگ بندي ڪئي وڃي ته جيئن هتي ڦاٿل لکين ماڻهن کي علاج ۽ خوراڪ جون سهولتون فراهم ڪري سگهجن. هوڏانهن گڏيل قومن جي صحت واري اداري جي ترجمان ڪرسچن لنڊ مير چيو ته غزه ۾ هر ڏينهن بد??ري?? لڳي ٿو، هن ال??جا ڪئي ته ڦاٿل شهرين تائين پهچ لاءِ جنگ بندي ڪئي وڃي. هن ٻڌايو ته غزه ۾ موت ۽ مشڪلاتن جي سطح جو اندازو لڳائڻ مشڪل آهي، مقامي صحت واري وزارت جي انگن اکرن موجب غزه ۾ روزاني سراسري 160 ٻار ماريا وڃن ٿا ۽ مجموعي فوتگيون 10000 کان ٽپي ويون آهن جڏهن ته اسرائيلي بمباري ۾ به تيزي اچي وئي آهي ۽ زمين تي فوجي ڪارروايون بنا روڪ ٽوڪ جاري آهن، لنڊ ميئر چيو ته هاڻي جنهن شيءَ جي ضرورت آهي اها انساني همدردي جي بنياد تي جنگ بندي ۽ شهري آبادي سان گڏوگڏ يرغمالين جي تڪليفن کي گهٽ ڪرڻ لاءِ پهچ آهي، ان مقصد لاءِ سفارتي ڪوششون جاري آهن. هن زنده رهندڙن لاءِ پاڻي، خوراڪ ۽ صحت جي سارسنڀال تائين محفوظ پهچ جي ضرورت تي زور ڀريو.
گڏيل قومن پاران غزه جي ڦاٿل ۽ بک جو شڪار 23 لک شهرين لاءِ انساني همدردي جي بنياد تي جنگ بندي جي دردمنداڻي اپيل
مضمون کا ماخذ : جیک اور بین اسٹالک