گڏيل قومون- 03 نومبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ڪي??با تي لاڳو آمريڪا جي اقتصادي ۽ واپاري پابندين خلاف قرارداد کي وڏي اڪثريت سان منظور ڪري ور??و آهي. آمريڪا ڪي??با خلاف هي پابنديون پهريون ڀيرو 1960ع ۾ لڳايون هيون، ”ڪيوبا خلاف رياست متحد آمريڪا طرفان لاڳو اقتصادي، واپاري ۽ مالياتي پابندين جي خاتمي جي ضرورت“ جي عنوان سان هر سال پيش ڪي?? قرارداد جي حق ۾ جنرل اسيمبلي جي ميمبر 187 ملڪن ووٽ ڏنا صرف آمريڪا ۽ اسرائيل ان جي خلاف ووٽ ڏنو ۽ يوڪرين راءِ شماري ۾ حصو نه ور??و. راءِ شماري کان اڳ قرارداد تي مسلسل ٻن ڏينهن تائين بحث ٿيو. جنرل اسيمبلي سمورين رياستن کان ان مطالبي جو ور??اءُ ڪي?? ته هو گڏيل قومن جي چارٽر ۽ عالمي قانونن تحت پنهنجي ذميوارين موجب پابنديون لاڳو ڪندڙ اهڙن قانونن ۽ قدمن کي لاڳو ڪرڻ کان پاسو ڪري. ڪي??با ??ي پرڏيهي وزير برونو روڊ ريگوز پاريلا چيو ته سندن ملڪ خلاف آمريڪا طرفان 60 سال اڳ لاڳو ڪي?? پابنديون ڪي??با جي سمورن حقن جي خلاف ور??ي آهن. هن چيو ته ڪي??با جي 80 سيڪڙو آبادي ??نهنجي سڄي عمر سندن ملڪ تي آمريڪا طرفان لاڳو پابندين جي حالت ۾ گذاري چڪي آهي، هن وڌيڪ چيو ته سندن ملڪ خلاف آمريڪي پابنديون اقتصادي جنگ آهن ۽ سندن مقصد ملڪ ۾ حڪومتي ۽ آئيني نظام کي تباهه ڪرڻ جي ڪوشش آهي. گڏيل قومن ۾ پيرو جي سفير لوئس يوگاريلي چيو ته اهي پابنديون گڏيل قومن جي چارٽر ۽ انساني حقن جي عالمي قانونن خلاف آهن.
ڪيوبا تي آمريڪي پابندين خلاف قرارداد جنرل اسيمبلي هڪ ڀيرو ٻيهر وڏي اڪثريت سان منظور ڪري ورتي
مضمون کا ماخذ : لکی لیڈیز چارم