اسلام آباد -21 مارچ (اي پي پي) پاڪستان ۾ آ??ري??ا جي سفير ڊونلڊ بلوم چيو آهي، ته اسان جي مضبوط ۽ جٽادار شراڪت پاڪستاني ۽ آ??ري??ي عوام جي زندگين ۾ بهتري آڻيندي رهندي ۽ عالمي سطح تي هاڪاري اثر مرتب ڪندي، يو ايس پاڪستان گرين الائنس انهن جو هڪ بهترين مثال آهي. اهڙو اظهار هن سينٽر فار ايئرو اسپيس اينڊ سيڪيورٽي اسٽڊيز جي انتظام هيٺ ”پاڪستان آ??ري??ا ناتا: دي وي فارورڊ“ جي موضوع تي خط??ب ڪندي ڪيو. آ??ري??ي سفير ٻنهي ملڪن وچ ۾ 75 سالن جي ٻه طرفن ناتن خاص طور تي ڏهاڪن تي ٻڌل ترقياتي شراڪت تي ڳالهيون ڪيون. هن سڄي ملڪ ۾ اسڪولن، اسپتالن ۽ شاهراهن جي تعمير سان گڏوگڏ اسڪالرشپ پروگرامن ذريعي تعليم لاءِ معاونت جي ڪوششن ک?? به اجاگر ڪيو. هن چيو ته قدرتي آفتن ک?? منهن ڏيڻ لاءِ 2005ع جي زلزلي ۽ 11-2010ع کان وٺي 2022ع جي ٻوڏ جي تباهي جي اثرن ک?? گهٽائڻ لاءِ امداد جي ??را??مي کي يقيني بڻائڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڀريو. ليڪچر بعد سفير ۽ شرڪت ڪندڙن وچ ۾ سوالن جوابن جو دور به ٿيو. جنهن ۾ حاضر سروس ۽ رٽائرڊ فوجي آفيسرن، تعليمي ماهرن ۽ سفارتڪارن حصو ورتو.
پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ جٽادار شراڪت عالمي سطح تي هاڪاري اثر مرتب ڪندي: آمريڪي سفير
مضمون کا ماخذ : گرم گرم