ماسڪو-28 نومبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي ??سپيڪر سردار اياز صادق پنهنجي ??وس جي هم منصب ۽ ملڪ جي هيٺين ايوان اسٽيٽ ??وما جي چيئرمين ولوڊن وڪٽورووچ سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻطرفي پارلياماني ۽ اقتصادي لاڳاپن سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. قومي اسيمبلي جي ??سپيڪر چيو ته پاڪستان روس سان پنهنجي پراڻي د??ستاڻي لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏي ٿو. ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپا گڏيل احترام ۽ اعتماد تي ٻڌل آهن. سردار اياز صادق اسٽيٽ ??وما جي چيئرمين سان پنهنجي پراڻي د??ستاڻي لاڳاپن جو حوالو ڏيندي روس جي د??ري جي ??عوت ڏيڻ تي ان جو ٿورو مڃيو. اسپيڪر سردار اياز صادق ايندڙ اسپيڪر ڪانفرنس ماسڪو ۾ ڪرائڻ جي ??جويز پڻ ڏني. اسٽيٽ ??وما جي چيئرمين قومي اسيمبلي جي ??سپيڪر جي ??جويز سان اتفاق ڪيو. اسپيڪر ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ لاءِ آئنده اسپيڪر ڪانفرنس ۾ واپاري برادري کي به دعوت ڏيڻ جو چيو. اسپيڪر ڪانفرنس جو آئنده اجلاس 2025ع ۾ ماسڪو ۾ ٿيندو. ٻنهي اڳواڻن ملڪن جي پارليامينٽ وچ ۾ رابطن کي مستحڪم بڻائڻ تي اتفاق ڪيو. روس جي ??سٽيٽ ??وما ۽ پاڪستان جي قومي اسيمبلي وچ ۾ تعاون کي هٿي ڏيڻ جي ??هم معاهدي تي صحيحون ڪيون ويون. معاهدي تي قومي اسيمبلي جي ??سپيڪر ۽ اسٽيٽ ??وما جي چيئرمين صحيحون ڪيون. معاهدي تحت ٻنهي پارليامينٽ وچ ۾ پارلياماني ڪميٽين ۽ پارلياماني فرينڊشپ گروپس ذريعي تعاون کي وڌيڪ مستحڪم بڻايو ويندو. اسپيڪر سردار اياز صادق اسٽيٽ ??وما جي چيئرمين ۽ سندس وفد پاران والهاڻو استقبال ڪرڻ ۽ ميزباني تي ٿورا مڃيا. اسپيڪر پنهنجي ??وس جي هم منصب کي پاڪستان جي د??ري جي ??عوت ڏني. اسٽيٽ ??وما جي چيئرمين اسپيڪر جي ??عوت قبول ڪندي جلد پاڪستان جو دورو ڪرڻ جي ??اطري ڪرائي. ملاقات ۾ پاڪستان جو پارلياماني وفد ۽ اسٽيٽ ??وما جا ميمبر به موجود هئا. اسٽيٽ ??وما جي چيئرمين اسٽيٽ ??وما آمد تي اسپيڪر ۽ سندس وفد جو شاندار استقبال ڪيو.
قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق جي روس جي هم منصب سان ملاقات
مضمون کا ماخذ : بک آف ڈیڈ