اسلام آباد-29 نومبر (اي پي پي) نجڪاري ۽ مواصلات بابت وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو آهي ته ترڪيه سان جوائنٽ وينچر سميت سيڙپڪاري جا بهترين موقعا موجود آهن، ڪاروباري برادري کي سفري سهولتن جي فراهمي سان ڪاروباري سرگرمين ۾ واڌ ٿيندي. اها ڳالهه هن ترڪيه جي سفير عرفان ??ذير اوگلو سان ??لاقات ۾ ڳالهائيندي ڪيو. ملاقات ۾ ترڪيه ۽ پاڪستان ??چ ۾ ٻه طرفن ناتن کي هٿي ڏيڻ ۽ مختلف معاملن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. نجڪاري وزارت مطابق ملاقات دوران ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته ٻنهي ملڪن جي دوستاڻن ناتن کي ڀائيواريءَ ?? تبديل ڪرڻ چاهيون ٿا. هن ترڪيه جي سفير سان گڏيل سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ تي به ڳالههه ٻولهه ڪئي ۽ چيو ته ترڪيه جو ترقي جو ماڊل متاثر ڪندڙ آهي ۽ پاڪستان به ان ??اڊل مان ??ائدو کڻڻ چاهي ٿو. عبدالعليم خان چيو ته پاڪستان ۾ مواصلات سميت مختلف شعبن ۾ سيرپڪاري جا وسيع ۽ پُرڪشش موقعا موجود آهن. وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته روڊ نيٽ ورڪ ??هتر بڻائڻ وڏو چئلينج آهي، شاهراهن کي پاڻ ۾ ڳنڍي ئي ترقي جا هدف حاصل ڪري سگهجن ٿا. وفاقي وزير چيو ته اسان جو ڪم ٻنهي ملڪن جي ڪاروباري برادريءَ کي ويجهو آڻڻ آهي، باقي ڪم پاڻ ئي شروع ٿي ويندو. وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته ٻنهي ملڪن جي ڪمپنين کي ترڪيه ۽ پاڪستان ۾ پُرڪشش منافعو حاصل ڪرڻ جو موقعو ملڻ گهرجي. ترڪش سفير ان ??وقعي تي ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان سان ??ر ممڪن سهڪار هوندو، ٻه طرفي سيڙپڪاري لاءِ قابل عمل ماڊل تي عمل ڪنداسين. هن وڌيڪ چيو ته ترڪيه پاڪستان سان ??نهنجن ناتن کي باقاعده ۽ اداره جاتي شڪل ڏيڻ چاهي ٿو، اسان جي گڏيل صورتحال موافق، مقصد واضح ۽ منزل هڪ آهي.
ترڪيه سان جوائنٽ وينچر سميت سيڙپڪاري جا بهترين موقعا موجود آهن: عبدالعليم خان
مضمون کا ماخذ : میگا فارچیون